نئين ديري ڀرسان جوابدار هٿان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان قتل

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو ڀرسان ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي حد ڳوٺ مٺو خان ککراڻي ۾ جوابدارن پنهنجي سڳي سئوٽ احمد خان ککراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ مٺو ککراڻي پهچي مقتول جو لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال آندو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته  احمد خان ککراڻي کي شير محمد ککراڻي ۽ ٻين جوابدارن پاران غنويٰ ککراڻي سان ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، اي ايس پي نئون ديرو سيد حيدر شاهه ڳوٺ مٺو ککراڻي ۾ ڪارروائي ڪري عورت غنويٰ ککراڻي کي قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو، پوليس ٻڌايو ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ڳجهو اطلاع ڏنو ويو ته ساڳي ڳوٺ ۾ عورت کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو پيو وڃي، الزام هيٺ هڪ نوجوان احمد خان کي قتل ڪيو ويو آهي، اسان ڪارروائي ڪري عورت غنويٰ ککراڻي کي قتل ٿيڻ کان بچائي ٿاڻي تي کڻائي آياسين، غنويٰ ککراڻي ٻڌايو ته آئون گهر ويٺي هيس ته مڙس شير محمد گهر اچي مون کان پسٽل گهريو جيڪو مون کيس ڪڍي ڏنو جنهن بعد هن وڃي ماني کائيندڙ پنهنجي سئوٽ احمد خان مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو جنهن بعد آئون فائرنگ جي آواز تي جڏهن ٻاهر نڪري پهتس ته مڙس شير محمد مون مٿان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران مان ڀڄي پنهنجي جان بچائي ته پوليس به پهچي وئي ۽ هن مونکي قتل ٿيڻ کان بچائي ورتو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.