پارليامينٽ يرغمال آهي،خرابي سياستدانن ۾ آهي:ملڪ احمد خان

لاهور(بيورو) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ملڪ احمد خان چيو آهي ته گذريل 70 يا 80 سالن ۾ اسان اهو طئي نه ڪري سگهياسين ته ملڪ کي ڪهڙي ريت هلائڻو آهي۔آرٽس ڪائونسل الحمرا ۾ جاري ٿنڪ فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن اهم سيشن ”ڇا اهڙيءَ طرح ئي هلندو رهندو؟“ ۾ خطاب ۾  هن چيو ته هي ملڪ چونڊن جي نتيجي ۾ ٻه حصا ٿيو، ۽ چونڊن جي نتيجن سبب ئي ملڪ ۾ مارشل لا لڳو۔ جڏهن به چونڊن جا نتيجا تسليم نه ڪيا ويا، ان جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ سياسي گنجائش گهٽجندي وئي۔جمهوريت هار کي تسليم ڪرڻ جو نالو آهي۔هن چيو ته خرابي سياستدانن ۾ آهي، جنهن کي درست ڪرڻو پوندوهن  چيو ته گذريل ٽن ڏهاڪن کان پارليامينٽ يرغمال بڻيل آهي۔ جيستائين پارليامينٽ کي آزاد نه ڪيو ويندو، ملڪ ۾ بهتري نه ايندي۔ ملڪ جي هر مسئلي جو حل پارليامينٽ وٽ آهي، پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهن کي  بااختيار بڻائڻو پوندو۔ملڪ احمد خان چيو ته صوبي پنجاب ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، والدين انهن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي سگهه نٿا رکن۔ سرڪاري اسڪول ۾ هڪ ٻار تي ساليانو 87 ڊالر، يعني لڳ ڀڳ 25 هزار رپيا خرچ ٿي رهيا آهن۔ هن چيو ته هو نجي تعليم جي خلاف ناهي، چارئي صوبائي حڪومتون تعليم جي بجيٽ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.