لاهور(بيورو)دفاع واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف لاهور جي الحمرا هال ۾ ٿيندڙ ٿنڪ فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن خطاب ڪندي چيو ته اسان بلدياتي نظام کي اثرائتي نموني لاڳو ڪرڻ ۾ ناڪام رهياسين، ان ڪري ئي مون 18هين ترميم کي ڍونگ قرار ڏنو هو،هن چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته سندس سياسي برادري لوڪل گورنمينٽ کان ايتري ڇو ڊڄي ٿي، جڏهن ته عوام جي ڀلائي لاءِ بلدياتي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي۔وفاقي وزير چيو ته 18هين ترميم تحت صوبن کي اختيار ڏنا ويا، پر اهي اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿيڻ گهرجن۔18هين ترميم جو اهم جز بلدياتي نظام هو، ۽ جيستائين اختيار هيٺين سطح تائين ناهن پهچايا ويندا، تيستائين ملڪ صحيح نموني نٿو هلي سگهي،هن چيو ته بلدياتي نظام کي مؤثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ ۾ اسان ناڪام رهيا آهيون، لوڪل گورنمينٽ کان ڪنهن کي به ڪو خطرو ناهي۔هن چيو ته پاڪستان جي ٽن وڏن ڊڪٽيٽرن بلدياتي چونڊون ڪرايون، جڏهن ته موجوده پارليامينٽ ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جيڪي جنرل ضياءَ جي دور ۾ سياست ۾ آيا هئا،هن چيو ته بلدياتي ادارن کان سڀ کان وڏو خطرو بيوروڪريسي کي محسوس ٿيندو آهي، اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ سان ٽيڪس جي وصولي به وڌندي،هن چيو ته صحت، تعليم ۽ سماجي شعبي ۾ حڪومتن جو سڌو سنئون ڪردار گهٽ هجڻ گهرجي، جڏهن سڄي دنيا ۾ بلدياتي نظام کي مضبوط ڪيو وڃي ٿو، هن چيو ته سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي گڏ ويهي قومي مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ گهرجن، نوان صوبا ٺاهڻ ۾ ڪو به حرج ناهي، بلدياتي نظام کي سياسي تربيت جي نرسري وانگر سمجهڻ گهرجي ۽ نوان صوبا ٺاهڻ گهرجن۔هن چيو ته سڄي دنيا نيو يارڪ جي ميئر کي سڃاڻي ٿي، حڪومت سندس خلاف هئي، ان جي باوجود هو چونڊ کٽي ويو، ڇو ته اتي نظام مضبوط آهي ۽ عوام جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي ٿو۔وفاقي وزير چيو ته 18هين ترميم ۾ بلدياتي نظام ۽ قومي تعليمي نصاب شامل هو، پر بعد ۾ اهو ڪڍڻو پيو، سياستدانن کي سمجهڻ گهرجي ته اختيار هيٺين سطح تائين ڏيڻا پوندا، اسان سميت ڪا به سياسي جماعت خوف محسوس نه ڪري، ڇو ته لوڪل گورنمينٽ اسان جو تحفظ ڪندي آهي۔نون صوبن جي قيام سان ملڪ جي انتظامي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي،هن چيو ته ته پاڪستان جي بقا مضبوط لوڪل گورنمينٽ جي نظام ۾ آهي، ۽ جيڪڏهن اختيار هيٺين سطح تائين منتقل نه ڪيا ويا ته اهو عوام سان دوکي جي برابر هوندو۔