خبر ناهي ته گل پلازا ۾ باهه لڳي يا لڳرائي وئي: خالد مقبول

لاهور (بيورو) تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته 18 هين ترميم کي واپس ورتو وڃي. لاهور ۾ نيشنل ڪاليج  آف آرٽس جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ ۾ 70 سالن کان هڪ پارٽي جي حڪومت آهي جنهن کي 100 سيڪڙو اختيار حاصل آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو ته سنڌ جي بجيٽ جو 97 سيڪڙو ڪراچي فراهم ڪري ٿو، چور ۽ سپاهي ٻئي ڪراچي جا نه آهن. خالد مقبول صديقي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪڏهن به اهو ناهي چيو ته 18 هين ترميم کي واپس ورتو وڃي، اسان جو ڪو به مطالبو آئين جي خلاف ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اڃا تائين اهو معلوم ناهي ته گل پلازا ۾ باهه لڳي آهي يا لڳائي وئي آهي.

پنهنجي پيارن جي ڳولا ۾ دربدر ٿي رهيو آهيان: شهري

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) گل پلازا سانحي ۾ 3 ماڻهن کي وڃائڻ واري شهري چيو ته ادارن منهنجي خاندان کي کائي ڇڏيو  آهي، منهنجي خاندان کي موٽائي ڏيو، مان خاموشي سان هليو ويندس. هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي قيصر نالي شهري چيو ته گل پلازا باهه واقعي کان پوءِ سندس زال، ڀيڻويو ۽ ڀيڻيويو گم آهن، ادارن منهنجي خاندان کي کائي ڇڏيو آهي، بس منهنجا پيارا مون ڏانهن موٽائي ڏيو، مان انهن کي ڳولڻ لاءِ گهر گهر ڀڄي رهيو آهيان. قيصر چيو ته هو ڪيترن ئي ڏينهن کان سول اسپتال ۽ ڊي سي آفيس ۾ گهمي رهيو آهي پر ڪو به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، سندس گهر ۾ ماتم آهي ۽ هو پنهنجي ٻارن ۽ گهر وارن کي ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.