ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ واقع شاپنگ سينٽر گل پلازا ۾ باهه واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو. دڪانن مان وڌيڪ ڊي وي آرز به هٿ ڪيون ويون جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ لڳائي وئي آهي جنهن موجب هن وقت تائين 82 ڄڻا لاپتا آهن. واقعي جو ڪيس اڻڄاتل ماڻهن خلاف غفلت ۽ لاپرواهي جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو. ٻڌايو ويو ته عمارت ۾ مناسب حفاظتي انتظام موجود نه هئا. عمارت جون بتيون ۽ در بند هئا جنهن جي ڪري باهه ڀڙڪڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. جاچ بعد باقاعده ميوارن جا نالا شامل ڪيا ويندا. متاثرن جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ لسٽ لڳائي وئي آهي جنهن ۾ 82 ڄڻن جا نالا، گهر جو پتو ۽ تصويرون به ڏنل آهن. هن وقت تائي 71 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي ۽ ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي انڪشاف ٿيو آهي ته ڪراچي فائر بريگيڊ گذريل هڪ سالکان مستقل فائر چيف کانسواءِ ڪم ڪري رهي آهي. ذريعن موجب همايون خان کي ڌار کاتي مان آڻي وقتي چارج ڏني وئي. عدالت آگسٽ 2025 ۾ حڪم ڏنو هو ته سينارٽي جي بنياد تي ٽن مهينن ۾ چيف فائر آفيسر مقرر ڪيو وڃي پر همايون خان سينارٽي لسٽ ۾ شامل ناهي، هو اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم جواڳواڻ آهي ۽ کيس گريڊ 12 مان سڌي ريت 17هين گريڊ ۾ ترقي ڏي وئي. اهو به انڪشاف ٿيو ته بي اي پاس همايون خان چيف فائر آفيسر لاءِ گهربل ايم ايس سي جي تعليمي شرط تي پورو نٿو لهي. ٻئي پاسي اهو به اڪشاف ٿيو ته انساني بوءِ سنگهندڙ ڪتا گم آهن، حڪومت 2008 ۾ 7 لک رپين جا ڪتا پاڪ فوج کان خريد ڪيا هئا جيڪي استعمال نه ٿيا. عملدارن موجب، عمارت مان 50 سيڪڙو ڊي وي آر ملي چڪيون آهن جن کي ڊي سي ڏکڻ جي آفيس منتقل ڪيو ويو، انهن کي جاچ ٽيم حوالي ڪيو ويندو. انهن جي مدد سان باهه جا سبب ڄاڻڻ ۾ اڳڀرائي ٿيندي.