اسلام آباد (بيورو) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺا خلاف سزا جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت مختلف قلمن ۾ مجموعي طور تي ٻنهي کي 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي. جج محمد افضل مجوڪا 22 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو. عدالتي حڪم موجب، ايمان مزاري ۽ هادي علي کي پيڪا ايڪٽ جي مختلف شقن تحت سزا ٻڌائي وئي. سيشن ڪورٽ وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن ايمان مزاري ۽ هادي علي کي سيڪشن 10 تحت 10، 10 سال قيد ۽ 3، 3 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. عدالت ٻنهي کي پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 9 تحت 5، 5 سال قيد ۽ 50، 50 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 26-اي تحت، ٻنهي کي 2، 2 سال قيد ۽ 10، 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي. مجموعي طور تي ٻنهي کي 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ٻنهي جوابدارن کي پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 11 مان بري ڪيو ويو. مجموعي طور تي ٻنهي جوابدارن تي 3 ڪروڙ 60 لک رپيا ڏڊ لاڳو ڪيو ويو. ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا کي اڊيالا جيل مان وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. فيصلي وقت پراسيڪيوٽر بئريسٽر فهد ۽ رانا عثمان عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا، جڏهن ته، جوابدارن جي نمائندگي ڪندڙ ڪو به وڪيل موجود نه هو. عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو ته جوابدارن پاران ڪيل تڪراري ٽوئيٽس قانون جي تحت سنگين ڏوهه جي زمري ۾ اچن ٿا، جنهن لاءِ ڪا به رعايت نٿي ڏئي سگهجي. عدالت واضح ڪيو ته اظهار جي آزادي جي نالي تي قانون ٽوڙڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. فيصلي کان پوءِ عدالت جي چوڌاري سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا. نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن اٿارٽي 22 آگسٽ تي ايمان مزاري، سندس مڙس هادي علي چٺا ۽ ڪجهه ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته جوابدار سوشل ميڊيا تي رياستي ادارن کي نشانو بڻائي رهيا هئا ۽ انهن جا عمل رياست مخالف هئا. ڪيس موجب، جوابدارن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽن ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي بيانيي کي هٿي ڏني هئي. ڪيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدارن سوشل ميڊيا ذريعي رياستي ادارن تي عوام جي اعتماد کي ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ بدامني پيدا ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. وڊيو لنڪ تي آيل ايمان مزاري پڇيو ته ڇا ميڊيا عدالت ۾ موجود آهي؟ اسان تي تشدد ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي پاڻي ۽ کاڌو نه پيو ڏنو وڃي. ايمان مزاري جج کان مڪالمو ڪندي چيو ته اوهان پنهنجي نوڪري ڪري رهيا آهيو، اوهان جي ڪري سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، اسان عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪريون ٿا. جج افضل مجوڪا پڇيو ته يعنيٰ اوهان ڪارروائي جو حصو نٿا بڻجڻ چاهيو؟ فيصلي جو انتظار ڪريو. ان دوران ايمان مزاري ۽ هادي جا وڪيل ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي اٿي هليا ويا. بعد ۾ عدالت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻنهي جوابدارن کي سزا پوري ڪرڻ لاءِ جيل ۾ رکيو وڃي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزير عطا تارڙ عدالتي فيصلي تي ايڪس تي رد عمل ۾ لکيو ته پيڪا جو پهريون سرڪاري ۽ حتمي نتيجو، الله کان ڊڄڻ گهرجي.
ايمان مزاري جي گرفتاري، بلوچستان بار ڪائونسل پاران عدالتي بائيڪاٽ
ڪوئيٽا (م ڊ) انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل ايمان مزاري جي گرفتاري خلاف بلوچستان بار ڪونسل سڄي صوبي ۾ عدالتي ڪارروائين جي بائڪاٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بار ڪونسل ايمان مزاري جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اها آئين، قانون ۽ بنيادي انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. بيان ۾ چيو ويو ته ايمان مزاري جي گرفتاري پوليس گردي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي برابر آهي، جيڪا آزاد وڪيلن ۽ انصاف جي نظام تي سڌي حملو آهي. بار ڪونسل فوري آزادي جو مطالبو ڪندي چيو ته ملڪ ۾ تنقيدي آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن غير آئيني قدم واپس نه ورتا ويا ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.
ايمان مزاري ۽ سندس مڙس کي سزا جي مذمت ڪريان ٿو:مشتاق احمد خان
اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته ايمان مزاری ۽ هادي علي ڇٽه خلاف مجموعي طور تي 17 سال قيد جي سزا اهو ثابت ڪري ٿي ته انصاف جو نظام نه رڳو مري چڪو آهي، پر ان جي تدفين به ٿي چڪي آهي،ايمان مزاری تي حراست دوران تشدد هن حڪومت جي شرمناک حرڪت آهي، حڪومت پنهنجي چهري تي ڪارو ڌٻو لڳائي ڇڏيو آهي، ڪو به هن فيصلي تي نه يقين ڪندو ۽ نه ئي قبول ڪندو،هن چيو ته پاڪستان کي هڪ وسيع ۽ عريض قيدخاني بڻايو ويو آهي.انساني حق، اظهار جي آزادي، ۽ انصاف تائين رسائي جو حق ختم ٿي ويو آهي.مزاحمت کي اهڙن هيٺين طريقن سان ختم نٿو ڪري سگهجي،هن لکيو ته مان هن فيصلي جي مذمت ڪريان ٿو، فارم 47 جي هن جعلي حڪومت جي جمهوريت دشمن قدمن جي مذمت ڪريان ٿو.افراسياب خٽڪ لکيو ته جيڪڏهن توهان ايمان مزاري ۽ هادي چٺا لاءِ آواز نه اٿاريندا ته ياد رکو اهي ٻئي سدائين اوهان لاءِ آواز اٿاريندا رهيا آهن،
ايڇ آر سي پي جي اجلاس ۾ اظهارِ راءِ تي پابندين خلاف گڏيل مزاحمت جي اپيل
اسلام آباد(بيورو) انساني حقن واري ڪميشن (ايڇ آر سي پي) جي اهتمام هيٺ ٿيل هڪ گول ميز اجلاس ۾ مقررن اليڪٽرانڪ ڏوهن جي روڪٿام واري ايڪٽ 2016 (پيڪا) ۽ ان ۾ ڪيل ترميمن جي عام شهرين تي پوندڙ منفي اثرن کي اجاگر ڪيو ۽ ڊجيٽل اظهارِ راءِ جي آزادي جي تحفظ لاءِ گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو۔پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ بنيادي حقن کي محدود ڪندڙ قانونن جي اصولي مخالفت جي ضرورت تي ٻيهر زور ڏنو۔ هن اختيارين سان سڌي ڳالهه ٻولهه جي تجويز به ڏني ته جيئن جائز ڪنٽرول ۽ جبر جي وچ ۾ فرق واضح ٿي سگهي۔سينيئر صحافي ۽ ايڇ آر سي پي ڪائونسل جي ميمبر ناصر زيدي چيو ته اظهارِ راءِ بابت رياست جو رويو تاريخي طور پابندين تي ٻڌل رهيو آهي، جتي قانون آئين، حقن جي تحفظ بدران بيانيي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا۔ ڪيترن صحافين صحافتي آزادي کي درپيش مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪايو۔ صحافي اڪبر نوتيزئي چيو ته بلوچستان ۾ اخبارن جو رياستي اشتهارن تي وڌندڙ انحصار ادارتي آزادي برقرار رکڻ کي مشڪل بڻائي رهيو آهي۔ صحافي مطيع الله جان خبردار ڪيو ته پيڪا تحت ايف آءِ اي جي جاچ ۾ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي شموليت اختيارن جي ناجائز استعمال جو خطرو وڌائي ٿي۔هڪ صحافي ايف آءِ اي جي اهلڪارن طرفان ڌمڪين جو ذڪر ڪيو، جيڪو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ مبينه بدعنواني ۽ احتساب جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو۔وڪيلن ۽ صحافين، جن ۾ ثاقب بشير ۽ اسد طور شامل هئا، پيڪا سان لاڳاپيل ڪيسن ۾ مختلف عدالتن ۾ مربوط ۽ ثبوتن تي ٻڌل قانوني ڪارروائي جي اهميت تي زور ڏنو، هنن چيو ته صرف قانوني رستو ڪافي ناهي، شفاف عوامي بحث ۽ گڏيل مزاحمت به انتهائي ضروري آهي۔ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پڻ صحافتي آزادي کي محدود ڪندڙ قانونن خلاف مزاحمت جي ضرورت سان اتفاق ڪيو۔اجلاس جي پڄاڻيءَ تي اڳوڻي سينيٽر ۽ ايچ آر سي پي ڪائونسل جي ميمبر فرحت الله بابر تجويز ڏني ته پيڪا قانونن هيٺ قانون جي طئي ٿيل ضابطن جي ڀڃڪڙي وارن معاملن لاءِ بنا معاوضي (پرو بونو) قانوني ٽيمون جوڙيون وڃن ۽ ان موضوع تي سياسي جماعتن سان منظم رابطا ڪيا وڃن