سلطانپور (رپورٽ: قربان علي مهر ) سلطانپور ڀرسان ڳوٺ ٻاهران صبح جو سوير پورهيت جو رستي تان لاش هٿ ڳوٺ ڊٻ ٻاهران رستي تان لاش مليو آهي جنهن جي سڃاڻپ ڊٻ ڳوٺ واسي پورهيت علي مردان ميراڻي طور ٿي آهي، نوجوان جي جسم تي گولين يا تشدد جا ڪي به نشان ناهن، پورهيت جو لاش رستي تي پيل ڏسي واٽهڙو ماڻهن پاران سندس وارثن ۽ پوليس کي اطلاع ڪيو ويو، لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل پهچايو پيو وڃي، ايس ايڇ او سلطانپور موجب پورهيت جو رستي تي پيل لاش ڏسي واٽهڙو ماڻهن ڪينٽ پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن کي کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال پهچائي رهيا آهيون، پورهيت جي جسم تي ڪي به گولين يا تشدد جا نشان ناهن، هن جي کيسي مان شناختي ڪارڊ مليو آهي جنهن موجب سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.