ڪراچي (پ ر) سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ بدعنواني، گهوٻين ۽ ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۾ گهٽتائي بابت سنگين معاملن جي تفصيلي جاچ ۽ دستاويزي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ خوراڪ واري صوبائي وزيرِ مخدوم محبوب الزمان بدعنوان عنصرن خلاف سخت ۽ بنا امتياز کاتيدار ڪارروائي شروع ڪئي آهي، صوبائي وزير واضح ڪيو آهي ته خوراڪ کاتي ۾ ڪنهن به سطح تي بدعنواني برداشت نه ڪئي ويندي ۽ ”زيرو ٽالرنس“ پاليسي تحت ذميوارن خلاف قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي ويندي، ته جيئن عوامي وسيلن جي حفاظت ۽ خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي، جاچ دوران مختلف سالن جي ڪڻڪ اسٽاڪ جي تفصيلي جاچ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ڪيترائي آفيسر ۽ عملو سرڪاري ڪڻڪ جي ذخيرن ۾ غبن، گهٽتائي ۽ بدانتظامي ۾ ملوث رهيا آهن، ان نتيجي ۾ خوراڪ کاتي جي اعليٰ سطحي جاچ واضح ڪيو آهي ته لاڳاپيل آفيسرن پنهنجين ذميوارين جي ڀڃڪڙي ڪندي عوامي وسيلن کي نقصان پهچايو آهي، انهن خلاف ڪارروائي لاءِ صوبائي وزيرِ فوري طور تي سخت قدمن جي منظوري ڏني، جنهن تحت ڪيترن آفيسرن کي نوڪريءَ تان برطرف ڪيو ويو ۽ سرڪاري نقصان جي وصولي جا حڪم جاري ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ دائود علي شاهه، فوڊ انسپيڪٽر (BS-12) ضلع سانگهڙ کي نوڪريءَ تان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ هن کان 113.296 ملين رپين جي سرڪاري نقصان جي وصولي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، ساڳئي طرح بشير احمد ڪنڌر، فوڊ انسپيڪٽر (BS-12) ضلع نوشهرو فيروز کي پڻ برطرف ڪيو ويو آهي ۽ هن کان 110.083 ملين رپين جي سرڪاري نقصان ۽ مارڪ اپ جي وصولي لاءِ ڪارروائي جاري آهي۔ وڌيڪ، رحيم داد جکراڻي، فوڊ انسپيڪٽر (BS-12) ضلع ڪشمور-ڪنڌڪوٽ کي پڻ برطرف ڪيو ويو آهي ۽ هن کان 161.406 ملين رپين جي نقصان ۽ مارڪ اپ جي وصولي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن، شهداد سانگي، فوڊ انسپيڪٽر (BS-12) ضلع سکر کي پڻ برطرف ڪيو ويو آهي ۽ هن کان 118 ملين رپين کان وڌيڪ سرڪاري نقصان ۽ مارڪ اپ جي وصولي لاءِ ڪارروائي جاري آهي۔ اهڙيءَ طرح ڄام رفي رضا، فوڊ انسپيڪٽر (BS-12) ضلع سانگهڙ کي به برطرف ڪيو ويو آهي ۽ هن کان 31.848 ملين رپين جي نقصان ۽ مارڪ اپ جي وصولي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن۔ انهن برطرفين ذريعي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته عوامي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڪنهن به آفيسر کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ قانون موجب ڪارروائي ٿيندي۔ ان دوران ڪيترن آفيسرن کي کاتيدار ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين معطل ڪيو ويو آهي، ته جيئن جاچ ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت يا اثر رسوخ نه ٿي سگهي ۽ شفاف احتساب ممڪن بڻجي۔ انهن ۾ نويد طاهر، ايڊشنل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر (BS-16) ڪراچي، الله ڏنو ميمڻ، فوڊ انسپيڪٽر (BS-12) حيدرآباد ۽ علي رضا بروهي، فوڊ سپروائيزر (BS-09) لاڙڪاڻو/ڄامشورو شامل آهن، جن کي ڪڻڪ اسٽاڪ ۾ بدانتظامي ۽ غبن جي سنگين الزامن تي معطل ڪيو ويو ، ان کان سواءِ پرويز علي انڙ، اسسٽنٽ (BS-16) ۽ لڪ آفٽر ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر شڪارپور کي پڻ معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن کي اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ گرفتار ڪيو آهي۔ اهڙيءَ طرح مِٺل منگي، فوڊ سپروائيزر (BS-09) شڪارپور کي به اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ گرفتار ڪيو آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته بدعنواني خلاف ڪارروائي رڳو کاتي تائين محدود نه پر قانوني ادارن جي سهڪار سان پڻ جاري آهي، فصل 2022–23 دوران ڪڻڪ جي وڏي پيماني تي گهٽتائي جي معاملن ۾ به خوراڪ کاتي سخت موقف اختيار ڪيو آهي۔ ان سلسلي ۾ ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي ايڊشنل ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر الطاف علي مگسي کي 431,192 ڪڻڪ بيگز جي گهٽتائي ۾ سازباز جي الزام تي حتمي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي۔ ساڳئي ضلعي ۾ مختلف ڪڻڪ خريداري مرڪزن تي هزارين ڪڻڪ بيگز جي غبن ۽ گهٽتائي جي الزامن تي ڪيترن فوڊ انسپيڪٽرن کي به حتمي شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا آهن، جن ۾ نصيب الله بروهي، نادر علي مگسي، بشير احمد مگسي، خالد حسين مگسي ۽ امان الله مگسي شامل آهن۔ انهن خلاف شفاف جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي، ته جيئن عوامي وسيلن جي مڪمل حفاظت ۽ خوراڪ جي فراهمي واري نظام ۾ شفافيت برقرار رهي۔ نموڌيڪ، ميرپورخاص فوڊ ريجن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ (BS-18) نصرالله چانڊيو خلاف به وڏي پيماني تي گهٽتائي ۾ سازباز ثابت ٿيڻ تي لاڳاپيل سمري چيف سيڪريٽري سنڌ ڏانهن معطلي جي منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي، اهڙيءَ طرح لاڙڪاڻو ۽ قمبر شاهه دادڪوٽ جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر جگديش ڪمار، جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ۾نجيب الدين ناريو، ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي اسسٽنٽ/DFC غلام مصطفيٰ ميراڻي ۽ ڪيترن فوڊ انسپيڪٽرن جن ۾ ظهير احمد بروهي، محمد يوسف مالي، ممتاز علي جتوئي، جانزيب علي شاهه ۽ عارف علي ابڙو شامل آهن، خلاف به ڪڻڪ اسٽاڪ ۾ گهٽتائي ۽ غبن جي الزامن تي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. صوبائي وزيرِ خوراڪ مخدوم محبوب الزمان چيو آهي ته خوراڪ کاتي ۾ احتساب جو عمل بنا ڪنهن امتياز جي جاري رهندو ۽ ڪنهن به آفيسر کي عهدي يا حيثيت جي بنياد تي تحفظ نه ڏنو ويندو، هن واضح ڪيو ته ايماندار ۽ محنتي آفيسرن جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي، جڏهن ته بدعنوان عنصرن کي سخت قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ذريعي نظام مان خارج ڪيو ويندو، صوبائي وزير وڌيڪک چيو ته اهي ڪارروايون عوامي وسيلن جي حفاظت، خوراڪي تحفظ ۽ شفاف حڪمراني لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جي عڪاس آهن ۽ عوامي اعتماد کي ٽوڙيندڙ ڪنهن به آفيسر خلاف سخت قدم کنيا ويندا، جن ۾ برطرفي، نقصان جي وصولي ۽ قانون موجب سزا شامل آهي.