احمدپور (رپورٽ:مختيار علي ميتلو) احمدپور ويجهو عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد جي ڪچي واري علائقي ڪيٽي زمان شاھ ۾ ھٿياربندن گوليون هڻي زمين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت کي قتل ڪري ڇڏيو رپورٽ موجب احمدپور ويجهو ڪچي واري علائقي عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي حد ڪيٽي زمان شاھ ۾ نامعلوم ھٿياربندن گوليون هڻي زمين تي ڪم ڪندڙ پورهيت غلام عباس رند کي قتل ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ عبدالرحمان انڙ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته پورھيت کي ھٿياربندن ھٿان گوليون هڻي قتل ڪرڻ جو اطلاع مليو آهي وڌيڪ واقعي واري هنڌ پهچي معلومات وٺڻ بعد خبر پوندي ته واقعو ڪيئن پيش آيو آهي ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين قتل ٿيل پورهيت جو لاش واقعي واري هنڌ پيل ھو جنهن جو اصل ڪارڻ به معلوم نه ٿي سگهيو ھو نه ئي وري واقعي جو ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو ھو.