گل پلازا سانحو، ملبي مان صرف هڏيون ملن پيون:فائر آفيسر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گل پلازا سانحي کان پوءِ هاڻ ملبي مان لاش نه پر صرف هڏيون نڪرڻ لڳيون آهن، سينئر فائر آفيسر ظفر خان موجب عمارت جي تهه خاني ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر باهه لڳي، جيڪا فوري  طور تي وسائي وئي، ظفر خان چيو ته عمارت جي ڇت مان ڊيزل ٽينڪ نه ڪڍيو ويو هو، جڏهن ته ڊيزل ٽينڪ کي ڪڍڻ دوران ان ۾ باهه لڳي جيڪا ختم ڪئي وئي، عمارت جو ڍانچو ڪمزور ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي صرف سرچ آپريشن جاري آهي، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ جاويد نبي کوسو چيو ته سرچ آپريشن آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ڪوشش آهي ته جلدي مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته ايس بي سي اي جي نگراني هيٺ ڪم جاري آهي، پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيا چيو هو ته 67 لاشن جا پوسٽ مارٽم مڪمل ٿي چڪا آهن، جن مان 16 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. ڇهه لاش سڃاڻپ جي قابل هئا، 8 جي ڊي اين اي ذريعي، هڪ قومي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ۽ هڪ لاڪٽ ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.