ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ باهه سبب تباهه ٿيل گل پلازا ۾ ريسڪيو جون ڪارروايون جاري آهن. ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي جي اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم ملبي مان ٽي ڊجيٽل وڊيو رڪارڊر هٿ ڪيا آهن. اهي ڊي وي آر گل پلازا ۾ مسجد جي ويجهو هڪ ڪمري مان مليا آهن، جيڪي باهه جو سبب ڄاڻڻ ۾ اهم ثبوت سامهون آڻي سگهن ٿا. گل پلازا سانحي ۾ فوتين جو انگ 71 ٿي ويو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيا طارق موجب، سڃاڻپ لاءِ 71 لاشن ۽ انساني عضون جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جن مان 16 ماڻهن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. سخت سڙي وڃڻ سبب ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ جو عمل پيچيده آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ موجب، گل پلازا ۾ سرچ آپريشن اڄ مڪمل ڪيو ويندو. چيف فائر آفيسر ڪي ايم سي همايون خان چيو ته بچاءُ ۽ باهه وسائڻ جو عمل ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪيو ويندو آهي ۽ فوم جو استعمال مخصوص قسم جي باهه تي اثرائتو آهي. ڊي جي ريسڪيو 1122 موجب، عمارت جي آخري حصن ۾ سرچ آپريشن جاري آهن ۽ باقي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا مڪمل ڪئي پئي وڃي. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌ فارنسڪ ڊي اين اي ليب ۾ هڪ ٻئي لاش جي سڃاڻپ کان پوءِ، ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ ٿيل لاشن جو تعداد 16 ٿي ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ چيو ته گل پلازه ۾ گم ٿيل ماڻهن جي آخري فهرست 77 آهي، ۽ وڌيڪ معلومات لاءِ، خاندان ضلعي انتظاميا سان رابطو ڪري سگهن ٿا.