ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ باهه ۾ تباهه ٿيل گل پلازا جي ملبي کي هٽائڻ جو ڪم جاري آهي. ڊي سي سائوٿ جاويد نبي کوسي انڪشاف ڪيو ته گل پلازا جي ملبي کي هٽائڻ دوران ڏيڍ ڪلو سون به مليو. عمارت ۾ زيورن جو دڪان هو جنهن مان سون مليو. سون دڪان جي مالڪ حوالي ڪيو ويو آهي.