ڪراچي ۾ ٻيڙي سان حادثو، 10 ڄڻا ٻڏي ويا، 7 کي بچايو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ منوڙي ويجهو سمنڊ ۾ چائنا پورٽ ويجهو هڪ افسوسناڪ حادثي ۾، 10 مسافرن سان گڏ هڪ ٻيڙي جهاز سان ٽڪرائجي ٻڏي وئي. اختيارين حادثي کان پوءِ فوري طور تي آپريشن شروع ڪيو ويو، جنهن دوران 7 مسافرن کي بچايو ويو جڏهن ته 4 ماڻهن  جي ڳولا جاري آهي. واقعي بابت عملدارن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏني، سنڌ جي وڏي وزير حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته بچاءُ آپريشن کي تيز ڪيو وڃي. ٻئي طرف، پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.