اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ جي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن اقبال آفريدي ۽ خرم شهزاد وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي هڪ ٻئي کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ هٿين پئجي ويا. وڊيو ۾ ڏٺو ويو ته ٻئي هڪ ٻئي تي آڱريون کڻي رهيا هئا. هڪ ميمبر چو ته توهان پارٽي نٿا هلايو، قاعدن موجب ڳالهائڻ ڏنو وڃي، ٻئي چيو ته اندر هلي ڳالهايون ٿا. ان وچ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر معاملو ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميمبرن طرفان کيس سخت جملا ٻڌڻا پيا. بئريسٽر گوهر چيو ته اهو طريقو ٺيڪ ناهي پر جهيڙو جاري رهيو. واقعو پي ٽي اءِ جي اندروني تڪرار کي ظاهر ڪري ٿو، جهيڙو پي ٽي آءِ جي اندروني اجلاس کانپوءِ پيش آيو جتي ميمبرن خدشا ظاهر ڪيا هئا. پي ٽي آءِ قيادت ڪو بيان ناهي ڏنو. اقبال آفريدي جو چوڻ هو ته علائقي ۾ آپريشن ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ جا غدار ماڻهو آپريشن جي معاملي تي کين ايوان ۾ ڳالهائڻ نٿا ڏين، ڪو سوال نٿا ڪرڻ ڏين. سڄي غلطي بئريسٽر گوهر جي آهي.