ڪراچي ( رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه گل پلازا جي هر دڪاندار کي پهرئين مرحلي ۾ پنج لک رپيا ڏيڻ ۽ گل پلازا جي ٻيهر تعمير جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هن چيو ته گل پلازا سانحي تي سڄو ملڪ ڏکويل آهي.هن چيو ته هو اڄ ايوان کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهي ٿو، اهڙا واقعا دنيا ۾ ٿيندا رهن ٿا، پر انهن جي روڪٿام لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن ٻڌايو ته ان واقعي ۾ ڪُل 88 ماڻهو لاپتا رپورٽ ٿيا هئا، جن مان ڪجهه جي ريپيٽيشن ٿي ۽ صحيح انگ 82 نڪتو. هن وقت تائين 67 لاش هٿ آيا آهن جڏهن ته اڃا 15 ڄڻا گم آهن، 15 ڄڻن جو ڊي اين اي ٿي چڪو آهي، 52 ماڻهن جي ڊي اين اي جو عمل جاري آهي. لاشن جي نشاندهي کانپوءِ انهن کي وارثن حوالي ڪيو ويندو.هن چيو ته گل پلازا جو واقعو ڏهه لڳي 14 منٽن تي گرائونڊ فلور جي هڪ دڪان ۾ باهه لڳڻ سبب پيش آيو. ڏهه لڳي 26 منٽن تي فائر برگيڊ کي ڪال آئي.خامين ۽ ڪوتاهين بابت مڪمل جاچ جاري آهي ۽ هن سانحي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، ريسڪيو 1122 کي ڏهه لڳي 36 منٽن تي ڪال ڪئي وئي.باهه لڳڻ کان 16 منٽن بعد سرڪاري نمائندو ڊي سي سائوٿ واقعي واري هنڌ پهتو.هن چيو ته کيس ڪنهن جي نيت تي شڪ ناهي، پر هن معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي هئي، ارڙهين ترميم بابت بيانن کانپوءِ ڪهڙا ڪارڻ آهن ان تي ڳالهائيندس. وڏي وزير جي تقرير دوران جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق پنهنجي سيٽ تان اُٿي بيهي چيو ته سي ايم غلط بياني ڪري رهيو آهي، ڊي سي واقعي واري هنڌ نه پهتو هو.ان تي وڏي وزير چيو ته گل پلازا جي ليز ڪي ايم سي منظور ڪئي هئي، هن سوال ڪيو ته ان وقت ڪي ايم سي ۾ ڪير هو؟ اسي واري ڏهاڪي ۾ گل پلازا جڙي راس ٿي، اٺن سالن کانپوءِ گل پلازا جي ليز رينيو ڪئي وئي، سال 1991ع ۾ ڪي ايم سي گل پلازا جي ليز ۾ واڌ ڪئي.هن چيو ته ارڙهين ترميم کان اڳ وارو گند اڄ تائين صاف ڪري رهيا آهيون، 1991ع ۾ ميئر ڪير هو؟ پهرين عبدالستار افغاني ۽ پوءِ فاروق ستار هئا، ان وقت جي ميئر ليز منظور ڪئي، 1979ع ۾ گل پلازا کي بيسمينٽ، گرائونڊ ۽ ٻن فلورن جي منظوري ڏني وئي هئي. 2001ع ۾ نه ارڙهين ترميم هئي ۽ نه پيپلز پارٽي.مراد علي شاهه چيو ته اهڙي سانحي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ سندس نظر ۾ وڏي ڏوهه برابر آهي، حڪومت تي تنقيد ڪريو، پر سياست نه ڪريو. هن وڌيڪ چيو ته عمارت جون خلاف ورزيون 2003ع ۾ ريگولرائيز ڪيون ويون جيڪو 18هين ترميم کان گهڻو اڳ جو عمل آهي۔ وڏي وزير هڪ سخت تبصري ۾ چيو ته اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته اهوئي شخص جنهن ماضي ۾ ميئر طور گل پلازا جي لِيز کي بيڪ ڊيٽ تي منظور ڪيو هو اڄ قومي اسيمبلي ۾ ان خلاف قرارداد پيش ڪري رهيو آهي۔ هن ان کي سياسي موقع پرستي قرار ڏيندي چيو ته اهڙي وقت تي ڌيان احتساب، ريليف ۽ انصاف تي هئڻ گهرجي۔ هن چيو لاشن تي آئيني سوال اٿارڻ ۽ هن سانحي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي. ۽ سوال ڪيو ته اختيارن جي منتقلي کان اڳ اهي بي ضابطگيون آخر ڪنهن منظور ڪيون؟ ريليف ۽ بحالي جو پيڪيج: وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت فوت ٿيلن جي وارثن کي في فرد هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو جاري ڪري چڪي آهي ۽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته تصديق کان پوءِ ادائيگيون فوري طور مڪمل ڪيون وڃن۔ متاثر واپارين لاءِ هن في دڪان پنج لک رپيا فوري مالي مدد جو اعلان ڪيو ته جيئن هو پنهنجو روزگار ٻيهر شروع ڪري سگهن۔ هن ٻڌايو ته ٻن مهينن اندر متبادل تجارتي جڳهون فراهم ڪيون وينديون جنهن لاءِ 850 دڪانن تي مشتمل ٻه عمارتون سڃاتيون ويون آهن جن جي مالڪن هڪ سال لاءِ ڪرائي جي معافي ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته ان کي ٻن سالن تائين وڌائڻ جون ڪوششون جاري آهن۔ ان کان علاوه هر متاثر واپاري کي سنڌ انٽرپرائيز ڊولپمينٽ فنڊ وسيلي هڪ ڪروڙ رپين جو بغير وياج قرضو ڏنو ويندو جنهن جي ضمانت سنڌ حڪومت ڏيندي ۽ وياج پاڻ برداشت ڪندي۔ نئين سر تعمير ۽ احتساب: وڏي وزير اعلان ڪيو ته گل پلازا کي ڪي بي سي اي جي منظور ڪيل منصوبي موجب ٻيهر تعمير ڪيو ويندو جنهن ۾ دڪانن جو تعداد نه وڌايو ويندو ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ٻن سالن اندر مڪمل ڪيو ويندو۔ هن اهو به اعلان ڪيو ته ايف آءِ آرون داخل ڪيون وينديون ۽ سڀني ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو۔ شهر ۾ حفاظتي سڌارا: وڏي وزير ايوان کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ عمارتن جا اسٽرڪچرل ۽ فائر سيفٽي آڊٽس شروع ٿي چڪا آهن ۽ ھيستائين 300 کان وڌيڪ عمارتن جو جائزو ورتو ويو آهي۔ جن عمارتن ۾ حفاظتي انتظام نه هوندا تن کي ٿوري مهلت ڏني ويندي ۽ پوءِ عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي سيل ڪيو ويندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته سڀني ايمرجنسي ادارن کي هڪ گڏيل ڪمانڊ هيٺ آندو ويندو، عمارتن لاءِ لازمي انشورنس قانون متعارف ڪرايا ويندا ۽ ريگيوليٽري نگراني کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان بچي سگهجي۔ لڪيل ايجنڊائن خلاف خبردار: خطاب جي پڄاڻي تي وڏي وزير ناقدن کي حڪومت کان احتساب ڪرڻ جو حق استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي پر قومي سانحن دوران لڪيل ايجنڊائن کي اڳتي وڌائڻ کان خبردار ڪيو.