چمبڙ تعلقي جي يوسي دادخان جروار هن وقت ڪنهن عام ڳوٺاڻي علائقي نه پر هڪ اهڙي خاموش قبرستان جو ڏيک ڏئي رهي آهي جتي ماڻهو روز مرن ٿا، تڙپن ٿا، بيمارين ۾ ڳري وڃن ٿا، پر ٻڌڻ وارو ڪو به ناهي، يوسي انتظاميا جي بدترين نااهلي، ۽ چونڊيل نمائندن جي لاتعلقي سبب هتي جي عوام کي ڄڻ مرڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو ويو آهي،
يوسي دادخان جروار جي اڪثر ڳوٺن ۾ صاف پيئڻ جو پاڻي نالي ڪا شي موجود ئي ناهي. ماڻهو مجبور ٿي جر جو پاڻي پيئن ٿا، جيڪو سخت کارو، زهريلو ۽ انساني صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪو آهي، ۽ اهڙو زهر بڻجي چڪو آهي جيڪو انساني جانين لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي، هي پاڻي صرف بيماريون پيدا ڪري ٿو، هن زهر جهڙي پاڻي جي مسلسل استعمال سبب ڊيلٽا وائرس، گڙدن، جگر جون بيماريون، پيٽ، چمڙي ۽ ٻين موذي مرضن ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿيو آهي،
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران ڊيلٽا وائرس ۽ گڙدن جي بيمارين سبب سوين ماڻهو زندگي جي جنگ وڙهندي تڙپي تڙپي جهان ڇڏي چڪا آهن،ڪيترائي گهر اهڙا آهن جتي هڪ کان وڌيڪ جنازا نڪري چڪا آهن، ماءُ پنهنجا جوان پٽ دفن ڪري ويٺيون آهن، زالون بيوهه بڻجي ويون آهن، معصوم ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، پر سرڪاري ڪاغذن ۾ اهي سڀ موت ڄڻ ٿيا ئي ناهن، نه ڪا سروي ڪئي وئي، نه ڪا انڪوائري، نه ڪا ذميواري قبول ڪئي وئي، ڪيترائي مريض گهرن ۾ تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏين ٿا، ڪيترائي رستي ۾ ئي جان وڃائي ويهن ٿا. ڊائليسس، ٽيسٽون ۽ مهانگو علاج صرف اميرن لاءِ آهن، جڏهن ته غريبن لاءِ رڳو انتظار، درد ۽ آخرڪار قبر موجود آهي،
برسات پوندي ئي علائقو مڪمل طور مفلوج ٿي وڃي ٿو، ڳوٺن جون گهٽيون ۽ رستا ڪچن، ٽٽل ۽ گند سان ڀريل آهن، ٿوري برسات ۾ ئي گهٽيون تلائن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون، جنهن سبب نه ايمبولينس اندر اچي سگهي ٿي، نه بيمار ماڻهو ٻاهر نڪري سگهي ٿو، ڪيترائي موت صرف ان ڪري ٿيا آهن جو وقت سر مريض اسپتال تائين پهچي نه سگهيا،
علائقي واسين جو الزام آهي ته يوسي دادخان جروار جي نالي تي ايندڙ ترقياتي فنڊن مان صرف ڪاغذن جو ئي پيٽ ڀريو ويو آهي، صاف پاڻي جون اسڪيمون، فلٽريشن پلانٽ، پڪا رستا، نيڪال جو نظام سڀ ڪجهه رڳو فائيلن ۾ موجود آهي، زمين تي رڳو بدحالي، بيماري ۽ موت نظر اچي ٿو،
چونڊن وقت يوسي دادخان جروار اهم بڻجي وڃي ٿي، ووٽ وٺڻ لاءِ وڏا واعدا ڪيا وڃن ٿا، پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ عوام کي وساري ڇڏيو وڃي ٿو، هتي اهو سوال جنم ٿو وٺي ته ڇا غريب انسان انسان ناهن؟ ڇا جر جو زهر پيئڻ هنن جو مقدر آهي؟ ڇا سوين موت به حڪمرانن ۽ اختيارين کي نه جهوريندا؟
يوسي دادخان جروار جي عوام جو صبر هاڻي جواب ڏئي چڪو آهي، ماڻهن پرزور مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور جر جي پاڻي جي ليبارٽري جاچ ڪرائي وڃي، صاف پيئڻ جي پاڻي جو ايمرجنسي بندوبست ڪيو وڃي، ڊيلٽا وائرس ۽ گڙدن جي مريضن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپ لڳايون وڃن، فوت ٿيل ماڻهن بابت غيرجانبدار جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوار آفيسرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
علائقي واسين چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن هن ڀيري به سندن آواز دٻايو ويو ته هو احتجاج، روڊ بند، پريس ڪلب ڌرڻن ۽ عدالتن جو در کڙڪائڻ تي مجبور ٿيندا. هاڻي وڌيڪ خاموشي ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته هتي مسئلو رڳو سهولتن جو نه، پر زندگين جو آهي، صرف ايترو نه پر افسوس جي ڳالهه ته اها آهي جو يوسي جي پنهنجي ڪا آفيس ئي ناهي، بااثر اسٽاف ۽ چيئرمن پنهنجي اوطاق ۾ سمورا ڪم ڪار ڪن ٿا، ايتري قدر جو حڪومت طرفان معاف ڪيل فيسون به ورتيون وڃن ٿيون، ۽ سال جا پنج مهينا يوسي جي نادرا آئي ڊي به پيمينٽ ڪليئر نه هجڻ سبب بند پيل هوندي آهي.
هڪ طرف جر جو زهريلو پاڻي ،بيماريون، موت ته ٻئي طرف وري اهو ظلم، يوسي جي عوام تمام گهڻي تنگ ٿي چڪي آهي، يوسي داد خان جروار جي رهواسي سردار، فرمان رستماڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺ قادر بخش رستماڻي جر جو زهريلو پاڻي واپرائڻ سبب اڌ کان وڌيڪ ماڻهو ڊيلٽا وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن، ۽ جگر جي خرابي سبب ۽ انهي جو سهي علاج نه ٿيڻ سبب اهو وائرس ٿورڙي ئي وقت ۾ جگر جي ڪينسر ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، صرف اسان جي ڳوٺ ۾ ڪجهه سالن اندر 17 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن پر چونڊيل نمائندن توڙي يوسي چيئرمن يا سيڪريٽري کي ذري برابر به رحم ناهي آيو، ۽ هاڻ ڳوٺ جي اها حالت ٿي وئي آهي جو سمورو ڳوٺ بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي، هر دفعي اليڪشن وقت تي چونڊيل نمائندن کي منتون ڪندا آهيون ته خدارا اسان کي آر او پلانٽ لڳرائي ڏيو ۽ چونڊيل نمائنده توڙي ووٽ لاءِ ايندڙ يوسي جا نمائنده وڏا وڏا واعدا ته ڪري ايندا آهن پر ڪم ٽڪي جو به ناهي ٿيندو، اسين هائي ڪورٽ آف سنڌ کي اپيل ٿا ڪيون ته پاڻمرادو نوٽس وٺي اسان جون زندگيون بچايون وڃن۔