ڪراچي يونيورسٽي جي زمين تي غيرقانوني قائم ڪيل پيٽرول پمپ سيل

ڪراچي (رپورٽر) ڊي سي اوڀر ڪراچي يونيورسٽي جي زمين تي ٺهيل غيرقانوني پيٽرول پمپ سيل ڪري ڇڏيو. 3 ڏينهن اڳ پيٽرول پمپ جو اين او سي رد ڪيو ويو هو. وي سي چيو هو ته پيٽرول پمپ جو اين  او سي رد ٿيڻ باوجود پمپ جو افتتاح ڪري وڪرو شروع ڪيو ويو هو. اعليٰ اختيارين کي اطلاع ڏيڻ تي ڊي سي ڪارروائي ڪئي. ڊي سي اوڀر جي آفيس طرفان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي صحيح سان خط به جار يڪيو ويو. خط موجب، پيٽرول پمپ جو اين او سي جي رد ڪرڻ واري خط ۾ چيو ويو آهي ته سيڪٽر 22 اسڪيم 33 تعلقي گلشن اقبال ڊسٽرڪٽ ايسٽ حافظ پيٽرول پمپ جي اين او سي جو ان کان اڳ جيڪو جاري ٿيو هو اهو رد ڪيو ويو آهي. وي سي خالد محمود عراقي موجب، ڊي سي اوڀر اين او سي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته ان جي ليز جو 33 سالن جو مدو اڳ ئي مڪمل ٿي چڪو آهي. ان تي قبضو ختم ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته بورڊز ۽ يونيورسٽي کاتي يونيورسٽي روڊ تي قائم پيٽرول پمپ به خالي ڪرڻ جي هدايت ڪري رپورٽ گهري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.