ڪراچي (رپورٽر) جاچ عملدارن گل پلازا سانحي جي شروعاتي رپورٽ اکين ڏٺن شاهدن ۽ متاثرن جي بيانن جي مدد سان تيار ڪري ورتي، رپورٽ موجب باهه مصنوعي گلن جي دڪان ۾ لڳي، جتي ٻارن جي کيڏڻ دوران حادثو پيش آيو، ذريعن موجب شايد ٻار دڪان ۾ ماچيس يا لائٽر سان کيڏي رهيا هئا، جنهن سبب شروعاتي طور باهه دڪان ۾ موجود سامان کي لڳي ۽ پوءِ بجليءَ جي تار ۾ پکڙجي وئي، ذريعن موجب عمارت ۾ گهڻا دڪان کليل هئا ۽ ڇت تي گرل لڳل هئي، جنهن سبب باهه پکڙجي وئي، ان سان گڏ عمارت ۾ موجود سي سي ٽي وي سسٽم مڪمل طور متاثر ٿيو.