ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)سوشل ميڊيا تي قومي اسيمبلي مان ميمبرن جا اثاثا لڪائڻ جو قانون منظور ٿيڻ کانپوءِ ان تي تنقيد ٿي رهي آهي، اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته قومي اسيمبلي ڪالهه هڪ شرمناڪ قانون منظور ڪيو، جنهن تحت ايم اين ايز کي نام نهاد سيڪيورٽي خطري جي نالي تي پنهنجا اثاثا عوام کان لڪائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي۔ هن چيوته عوامي نمائندن جي ذميواري آهي ته هو شهرين کي تحفظ مُهيا ڪن، رازداري ذريعي احتساب کان نه بچن۔ اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) هر پاڪستاني کان مطالبو ڪن ٿيون ته هو وقت سر پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري، ۽ جيڪڏهن ڪو ائين نه ڪري ته ان تي ڏنڊ لاڳو ڪيو وڃي ٿو۔ پر پاڻ لاءِ انهن هڪ شرمناڪ قانون پاس ڪيو آهي، جنهن تحت پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجا اثاثا ظاهر نه ڪرڻ جا مجاز بڻجي ويا آهن۔ اهڙي ملڪ ۾، جتي عوامي عهدن تي ويٺل سياستدان اڳ ئي ڪرپشن سان جوڙيل سمجههيا وڃن ٿا، سيڪيورٽي جي بهاني سان لڪڻ عوام سان وڌيڪ ويڇا پيدا ڪندو ۽ اقتدار ۾ ويٺلن کي وڌيڪ ڪرپشن جي همت ڏيندو، ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو ته حڪمراني ۾ شفافيت نه رڳو آءِني گهرج آهي، پر هڪ ديني ذميواري به آهي، ۽ اهڙن قانونن سان عوام جو اعتماد وڌيڪ مجروح ٿيندو۔ ٽي وي اينڪر وجيهه ثاني لکيو ته عوام جا نمائندا هاڻي عوام کان اثاثا لڪائيندا، اثاثا “مقدس” قرار ڏئي عوام کان لڪايا ويندا۔ هو، پي ٽي آءِ اڳواڻ تيمور سليم جهڳڙا لکيو ته هڪ پاسي آءِ ايم ايف سول سرونٽن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ تي زور ڏئي رهيوآهي۔ ٻئي پاسي قومي اسيمبلي پنهنجي ئي پارليامينٽرين جا اثاثا لڪائڻ چاهي ٿي۔ فارم 47 جي پيدا ڪيل پارليامينٽ، ان کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندي؟ تجزئي نگار ظفر هلالي لکيو ته پاڪستاني پارليامينٽرين جا اثاثا لڪائڻ جو ڪو به ڪمزور جواز ناهي، حقيقت ۾، انهن جا اثاثا ظاهر ڪرڻ لازمي هجڻ گهرجن، ته جيئن عوامي زندگي ۾ احتساب يقيني بڻجي سگهي، تحريڪ تحفظ آءِن پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ نواز کوکر لکيو ته جنهن ملڪ ۾ ساليانوچار کان پنج هزار ارب رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي، اتي هاڻي سياستدان قانوني طور پنهنجا اثاثا عوام کان لڪائي سگهندا۔ اثاثا لڪائڻ جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪيا پيا وڃن، جماعت اسلامي اڳواڻ سراج الحق لکيو ته پارليامينٽ ميمبرن پاران اثاثا لڪائڻ ٻٽو معيار آهي، عام شهري کان ٽيڪس ريٽرن، بينڪ جا تفصيل ۽ آمدني جا ذريعا پڇيا وڃن ٿا، پر اقتدار ۾ ويٺل ماڻهو پاڻ کي احتساب کان مٿانهون سمجههندا آهن۔ اهڙو رويو جمهوريت نه پر اشرافيا جي برتري ڏيکاري ٿو۔