وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ وڻن جي واڍي نه روڪرائي سگهي،ڪراچي کي ڇا بچائيندي؟ مشاهد حسين

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)ن ليگ جي اڳواڻ ۽ سينئر سياستدان مشاهد حسين سيد چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال پاران ڪراچي وفاق حوالي ڪرڻ جو مطالبو سٺو خيال ناهي،هڪ بيان ۾ هن چيو ته  وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ 30 هزار وڻن جو قتل عام نه روڪرائي سگهي اها ڪراچي کي ڊگهي عرصي تائين راڄ ڪندڙ مافيا مان ڪيئن جان ڇڏرائيندي جيڪي ڪرپشن،اقربا پروري ۽ لاقانونيت جو راڄ قائم ڪري ويٺل آهن هن چيو ته ڪراچي کي رڳو هڪ بااختيار ۽ جمهوري طريقي سان چونڊيل مڪاني نظام ئي تباهي کان بچائي سگهي ٿو،گل پلازا جهڙا سانحا پوءِ نه ٿيندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.