اسلام آباد/ ڪوئيٽا (م ڊ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ وقفي وقفي سان برسات شروع ٿي وئي، ڪجه حصن ۾ اڄ تيز برسات ج امڪان آهي، بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برفباري پئي، ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي، رستا بند ٿي ويا، موسميات کاتي موجب بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي ندي نالين ۾ چاڙهه جو خدشو آهي، جڏهن ته ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ پڻ شديد برفباري پئي آهي، جنهن سان ٿڌ ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته جبلن تي تي لينڊ سلائيڊنگ ۽ مٿي وارن علائقن ۾ برفباري سبب رستا بند ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن، ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد، پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهڻن علائقن ۾ وقفي وقفي برسات ۽ جبلن وارن علائقن ۾ برفباري ٿي سگهي ٿي، اسلام آباد ۾ منجهند کان تيز برسات جو امڪان آهي، شام ۽ رات جي وقت ڪجهه علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي، بلوچستان ۾ برسات ۽ برفباري شروع ٿي وئي، جنهن سبب ٿڌ وڌي وئي، ڪوئٽا، زيارت، کان مهترزئي، چمن، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، توبه ڪاڪڙي اتوبه اچڪزئي ۽ نوشڪي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برف جي اڇي چادر ڇانيل آهي، ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي، جهانزيب خان موجب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ٽيمون موجود آهن ۽ شاهراهن تي ڄميل برف هٽائڻ جو ڪم جاري آهي.
سنڌ حڪومت سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ کي بدلي ڪري ڇڏيو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت صحت جي شعبي ۾ اعليٰ سطحي بدليون ڪيون آهن، سيڪريٽري صحت ريحان اقبال بلوچ کي بدلي ڪيو ويو، حڪومت طرفان ريحان بلوچ کي ايس اينڊ جي اي ڊي ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، سنڌ حڪومت موجب جمشيد عالم ميمڻ کي سيڪريٽري صحت جي اضافي چارج ڏني وئي آهي ۽ هو بطور سيڪريٽري صحت پنهنجا فرض انجام ڏيندو، صحت کاتي ۾ مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ تيز هوا سان برسات، ٿڌ وڌي وئي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو، سرجاني ٽائون، ملير، ماڊل ڪالوني، مشرف ڪالوني ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ کنوڻ سان برسات پئي، نارٿ ڪراچي، شادمان ٽائون، ناگن چورنگي، بفرزون ۽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات کان پوءِ موسم وڌيڪ ٿڌي ٿي وئي، آئي آءِ چند ريگر روڊ، صدر ۽ ڀرپاسي ۾ به هلڪي برسات، جڏهن ته پي اي سي ايڇ ايس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ڦڙ ڦڙ پئي، احسن آباد، گلستان جوهر، ڊالميا ۽ اسڪيم 33 ۾ پڻ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، ترجمان ڪي اليڪٽرڪ چيو آهي ته تيز هوا ۽ برسات دوران احتياط ڪيو وڃي، بجلي جي پولن ۽ سائن بورڊن کان پاسو ڪيو وڃي.