ٽرمپ پاران غزه بورڊ آف پيس جو باقاعده اعلان، پاڪستان به صحيح ڪري ڇڏي

ڊيووس(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزه بورڊ آف پيس جو باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو، سوئزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ غزه بورڊ آف پيس معاهدي تي دستخط ڪرڻ جي تقريب ٿي، جتي پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين ملڪن جي نمائندن معاهدي تي صحيحون ڪيون، جنهن کان پوء چارٽر مڪمل طور تي نافذ العمل ٿي ويو. ان موقعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته غزه بورڊ آف پيس ۾ شموليت تي سڀني ملڪن جو ٿورو ادا ڪيان ٿو، بورڊ آف پيس تي گڏيل  قومن سميت ٻين ملڪن سان ڪم جاري رکندو. ٽرمپ چيو ته غزه بورڊ آف پيس ۾ اڳوڻي برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر جو اهم ڪردار آهي. اسان وچ اوڀر ۾ مستقل امن لاءِ سرگرم آهيون ۽ امن جي ڪوششن جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهيون. هن چيو ته غزه ۾ امن بورڊ ۾ ڪيترا ئي ملڪ شموليت چاهين ٿا، گڏيل قومن ۽ ٻين ملڪن سان ڪم جاري رکندا، غزه ۾ جنگ ختم ٿيڻ واري آهي، حماس کي هٿيار  رکڻا پوندا، نه  ته ان جو خاتمو ٿي ويندو. هن اهو به چيو، مون 8 جنگن کي روڪيو، پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ايٽمي ملڪن آهن، مون ٻنهي جي وچ ۾ جنگ روڪي، ان کان علاوه ڪيترين ئي جنگن کي روڪيو جنهن سان دنيا وڌيڪ محفوظ ٿي وئي.ٽرمپ وڌيڪ چيو، اسان ايران سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ايران ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسان ڳالهيون ڪنداسين.. عربي ميڊيا موجب، آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان جوڙيل غزه بورڊ آف پيس ۾ هاڻي تائين پاڪستان سميت 19 ملڪن شموليت اختيار ڪري چڪا آهن.رپورٽ مطابق، پاڪستان، قطر، سعودي عرب، ترڪي، انڊونيشيا، بحرين، مصر، اردن، قازقستان، ازبڪستان ۽ متحدہ عرب امارات (يو اي اي) بورڊ ۾ شامل ٿي چڪا آهن.ان کان علاوه، ارجنٽينا، آرمينيا، آزربائيجان، بيلاروس، هنگري، ڪو سوو، مراڪش ۽ ويٽنام پڻ غزه بورڊ آف پيس ۾ شموليت جو اعلان ڪيو آهي.  ڊيووس ۾ خطاب ڪندي روسي صدر پيوٽن غزه بورڊ آف پيس ۾ شموليت جي دعوت تي صدر ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته  اسان هڪ ارب ڊالر ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، اسان عالمي استحڪام لاءِ هر ڪوشش ۾ تعاون ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.