اپوزيشن پاران غزا بورڊ تي اعتماد ۾ وٺڻ جو مطالبو/27 هين ترميم ۾ ڏنل ڇوٽ واپس وٺڻي پوندي:فضل الرحمان

اسلام آباد(بيورو)جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته يورپ ۽ فرانس سميت ڪيترن ئي ملڪن بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، پر اسان جو وزيراعظم  شهباز شريف قاتل نيتن ياهو سان گڏ ويهي امن بابت مشاورت ڪندو؟ قومي اسيمبلي مان خطاب ڪندي هن چيو ته هو محمود خان اچڪزئي کي اپوزيشن ليڊر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏئي ٿو۔ محمود خان اچڪزئي هڪ تجربيڪار سياستدان آهي، ۽ جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي ڏيکاري ته اپوزيشن ۽ حڪومت گڏجي مشاورت ذريعي پاڪستان کي بهتر مستقبل ڏئي سگهن ٿا، هن چيو ته ستر هزار لاشن جو ذميوار نتين ياهو پيس بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔ ٽرمپ پاڻ ئي پيس بورڊ جو سربراهه بڻيل آهي، جيڪو جنهن کي چاهي ميمبر بڻائي ۽ جنهن کي چاهي ڪڍي سگهي ٿو۔ اسان جون پاليسيون عالمي دٻاءَ هيٺ ٺهن ٿيون۔ باني پاڪستان اسرائيل بابت جيڪا پاليسي 1940ع جي قرارداد ۾ ڏني، اسان ان تي ڇو نٿا ڳالههايون؟ قائداعظم اسرائيل کي ناجائز اولاد قرار ڏنو هو۔ سندس چوڻ هو ته اڄ جا حڪمران ڇا قائداعظم جي اسرائيل پاليسي بابت سوچ به رکن ٿا؟ قاتلن جي هٿن مان امن جي اميد رکڻ پاڻ کي بيوقوف بڻائڻ برابر آهي۔ مولانا فضل الرحمان چيو ته هي ايوان جيتوڻيڪ عوام جو چونڊيل ناهي، پر پوءِ به ايوان ته آهي۔ ٻڌايو وڃي ته ايوان ته پري، ڇا ڪابينا کي به اعتماد ۾ ورتو ويو؟ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو گڏيل قومن ڏانهن ويو هو ته هن ايوان جو ڀرپور اعتماد وٺي ويو هو۔ فلسطين جهڙي ايماني مسئلي تي قوم کي اعتماد ۾ ڇو نه ورتو ويو؟ هن چيو ته ڇا ٽرمپ گڏيل قومن جي متبادل طور پنهنجي مرضي جو فورم نٿو ٺاهي؟ فلسطين ۾ امن ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، جڏهن ته پنهنجي ملڪ ۾ امن ناهي۔ اسان جي ملڪ جا ڪيترائي ضلعا هٿياربند گروهن جي قبضي ۾ آهن۔ پنهنجون فورسون پوسٽون خالي ڪري هٿياربند گروهن حوالي ڪري رهيون آهن۔ ٽانڪ، بنون، لڪي مروت ۽ ڊي آءِ خان سميت ڪيترن علائقن ۾ ٺيڪيدارن کان ڀتو ورتو وڃي ٿو۔ اسان کي ٻڌايو وڃي ته هن خفيه شموليت جي پويان ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟ هن چيو ته اڄ مغربي جمهوريت جي حقيقت ننگي آمريت بڻجي سامهون اچي وئي آهي۔ وينزويلا جي صدر ۽ سندس زال کي اغوا ڪندڙ اغواڪار اڄ امن جو ٺيڪيدار بڻيل آهي۔ اڄ اسان جي ملڪ ۾ آمريت دولت ۽ طاقت جي اتحاد ۾ تبديل ٿي وئي آهي۔ هن چيو ته اڄ غير اسلامي قانون سازي کي به جمهوري حق قرار ڏنو وڃي ٿو۔ ٻه ترميمون عوام کي ڪمزور ۽ پنهنجا اختيار وڌائڻ لاءِ ڪيون ويون آهن۔ اسان جو نظام جمهوريت نه پر جبر هيٺ هلي رهيو آهي۔ سندس چوڻ هو ته ترميمن ۾ حاصل ڪيل استثنا واپس وٺڻا پوندا۔ نه اهي استثنا آءِني آهن ۽ نه ئي اسلامي۔ اسان کي نتين ياهو جي موجودگي ۽ ٽرمپ جي صدارت هيٺ پيس بورڊ ۾ شموليت کان صاف انڪار ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر خطاب ڪندي چيو ته غزا ۾ هڪ لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو شهيد ٿيا آهن، ۽ لکين ماڻهو زخمي ٿيا آهن، هاڻي بورڊ آف پيس جو معاملو سامهون آيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف بغير سوچ ويچار جي بورڊ آف پيس قبول ڪري ڇڏيو۔ پر پارليامينٽ کي اڃا تائين اعتماد ۾ نه ورتو ويو۔ اسان کي ٻڌايو وڃي ته بورڊ آف پيس کي ڪهڙن شرطن تي قبول ڪيو ويو آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا حماس کي غير مسلح ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي فوج وڃڻ واري آهي؟ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته بورڊ آف پيس جو حصو بڻجڻ سڀني پاڪستانين جو معاملو آهي۔ فلسطين ۽ ڪشمير جا مسئلا سڄي دنيا ۾ بحث هيٺ آهن ۽ ڪجهه معاملا سياست کان مٿانهون آهن۔ هن چيو ته بورڊ آف پيس گڏيل قومن جي قراردادن تحت غزا جي نئين سر تعمير نو ڪندو، ۽ اهو معاملو ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو ته ايڪتا جو پيغام پهچي، هن چيو ته پارليامينٽ کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويندو، کانپوءِ ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي لاءِ ملتوي ڪيو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.