حسن ابدال (ويب ڊيسڪ) حسن ابدال ۾ گهريلو تڪرار تان جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن ٻارن، سَس ۽ سهري کي قتل ڪري ڇڏيو.
اهو افسوسناڪ واقعو حسن ابدال جي علائقي پنڊ مهري ۾ پيش آيو، جنهن ۾ ٻن ٻارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته جوابدار پاڻ کي به گولي هڻي ماري ڇڏيو.
پوليس موجب جوابدار ناصر فائرنگ ڪري پنهنجي ٻن معصوم ٻارن، سس ۽ سهري کي قتل ڪيو، جڏهن ته پوءِ هن پاڻ کي به گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ نسيم اختر، نثار، ٻن ورهين جي ڪائنات ۽ 5 ورهين جي فلڪ شامل آهي.
پوليس موجب جوابدار جي زال ڪاوڙجي پيڪين هلي وئي هئي، جڏهن ته فائرنگ وقت هوءَ گهر مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
You might also like