سُشانت سنگهه راجپوت: تارن ۽ سيارن جو عاشق زندگي کان ڪيئن رُسي ويو؟

تحرير: سرمد

”زندگي ڪيڏي به رُکي،
ڪيڏي به ڏُکي،
ڪيڏو به ڏچو،
جي سچ پڇو
موت کان پياري آ“
انور پيرزادي صاحب جي هن مختصر نظم ۾ زندگي جو پورو فلسفو سمايل آهي.
مون کي لفظ ”زندگي“ سان ڏاڍي محبت آهي، ڇو ته جيستائين زندگي آهي، تيستائين باقي سڀ مامرا پيا هلندا رهندا، سو مان ته چوندس ته جيستائين ڪو فل اسٽاپ نه لڳائي، تيستائين زندگي جو هٿ مضبوطي سان جهليون بيٺا هجو.
ها، ڪجهه ماڻهو به بنهه زندگيءَ جهڙا هوندا اٿوَ، جيڪي پنهنجي موجودگي سان چئو ڏس روشني پکيڙي ڇڏيندا آهن، اهڙو ئي هڪ شخص هو سشانت سنگهه راجپوت…!
هو هندي سئنما جي پنهنجا نوازيءَ ۽ جهرمٽ کان پري واري ماحول مان آيو هو، جنهن گهٽ عرصي ۾ پنهنجي محنت ۽ غير معمولي اداڪاري ذريعي دلين ۾ جاءِ ٺاهي، پر افسوس، اِها روشني جا ٻين لاءِ اميد جو ڪرڻو هئي، سا پنهنجي ئي زندگيءَ جي اوندهين سان جهيڙيندي اُجهامي ويئي.
سشانت جو واسطو ڀارتي رياست بهار / پٽنه سان هو، هڪ اهڙو علائقو جتي ڪچڙن ذهنن ۾ خواب پلجن ٿا، انجنيئر بڻجڻ جا، ڊاڪٽر ٿيڻ جا، سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ جا ۽ پوءِ پنهنجي هڪ گهر ٺاهڻ جا خواب…!
هن به اهڙن ئي سُپنن جي ساڀيان کڻي انجنيئرنگ ۾ داخلا لاءِ ٽيسٽ ڏني هئي، جنهن ۾ هن سڄي ملڪ مان ستين پوزيشن ماڻي هئي.م اداڪاريءَ واري پاسي اچڻ کان اڳ هو ميڪينيڪل انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري رهيو هو، پر اداڪاري جي شوق ۾ هن پڙهائي اڌ ۾ ئي ڇڏي ڏني هئي.
اکين ۾ ڪيئي خواب سمائي، هو سُپنن جي شهر ممبئي ويو هو، اتي پهچندي ئي هو پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ لڳي ويو، سشانت نه رڳو ٽي وي تي پنهنجو پاڻ ملهايو، پر ٿوري عرصي ۾ بالي ووڊ ۾ اهم ڪردارن ۾ نظر اچڻ لڳ ۽ اهڙيءَ ريت هن ”پوتر رشته“جي منوج کان وٺي ”ڪائي پو چي!“ تائين ۽ ”پي ڪي“ جي سرفراز کان ”ڪيدارناٿ“جي منصور تائين، هر ڪردار سان پورو پورو انصاف ڪيو.
هو مون کي ان ڪري به پنهنجو لڳندو هو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪردار گهڻو ڪري فلمن ۾ ڪرڪيٽ سان جُڙيل رهيا، ها، اها ئي ڪرڪيٽ، جيڪا منهنجو پهريون پيار آهي.
هن پنهنجي پهرين فلم ”ڪائي پو چي“ ۾ اهڙي نوجوان جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو ڪرڪيٽ جو ديوانو آهي ۽ هڪ مسلمان نينگر جي ڪوچنگ ڪري ٿو ته جيئن هو اڳتي هلي ملڪ لاءِ کيڏي سگهي، هيءَ فلم 2002ع وارن گجرات وڳوڙن جي پسمنظر ۾ فلمائي وئي هئي، ان ڪردار ۾هڪ ننڍڙي شهر سان واسطو رکندڙ اهڙي ڇوڪري جي جھلڪ پسي سگهجي ٿي، جيڪو پنهنجي خواهشن ۽ جنون جي وچ ۾ ٻڏندو ترندو رهيو …
منهنجي آل ٽائيم فيورٽ ڪرڪيٽر مهندر سنگهه ڌونيءَ جي زندگي ۽ جدوجهد تي آڌاريل فلم ”ايم ايس ڌوني: دي انٽولڊ اسٽوري“ سندس زندگي جو شاهڪار هئي، جنهن ۾ هن ڌونيءَ جي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي پنهنجي اداڪاري ذريعي ايڏو ته حقيقي بڻائي ڇڏيو، جو ماڻهو ڌوني کي سشانت جي اکين سان ڏسڻ لڳا هئا.
فلم ” ڇڇوري“سندس آخري رليز هئي؟ ۽ هتي به هو ڪرڪيٽ کيڏندي نظر آيو…
پر ”ڇڇوري“ صرف فلم نه هئي، هڪ پيغام هئي، جنهن ۾ سشانت هڪ اهڙي پيءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو، جيڪو پنهنجي پٽ کي سيکاري ٿو ته ناڪاميون زندگي جو حصو آهن ۽ انهن کان ڀڄڻ ڪنهن مسئلي جو حل ڪونهي، فلم جو اهو ئي پيغام سندس موت کان پوءِ اڃا گهڻو گهرو ٿي ويو.
سشانت جي زندگي، سندس ڪردارن جيان مختلف رنگن سان رڱيل هئي، پر سندس زندگيءَ ۾ پردي پٺيان هڪ خاموش جنگ پڻ هلي رهي هئي، جيڪا شايد ڪو نه ڏسي سگهيو، اهڙو ماڻهو، جيڪو پنهنجي فلمن ۾ زندگيءَ جو پيغام ڏيندو رهيو، سو پاڻ زندگيءَ کان ڪيئن هارائي ويو؟
اهو سوال اڄ به هر حساس دل رکندڙ ماڻهوءَ کي چُڀندو رهي ٿو، جنهن جو جواب شايد فلم ” ڇڇوري“ جي ئي هڪ ڊائلاگ ۾ لڪل آهي ته ” نتيجا اهو فيصلو ناهن ڪندا ته تون ناڪام آهين يا نه، تنهنجي ڪوشش فيصلو ڪري ٿي، ڇو ته ڪاميابي کان پوءِ جو پلان ته سڀني وٽ هوندو آهي، پر جيڪڏهن علطيءَ سان ناڪام ٿي وڃون ته ناڪاميءَ کي منهن ڪيئن ڏيڻو آهي؟ ان بابت ڪو ڳالهائڻ نٿو چاهي.“
سشانت جي موت اسان کي رڳو غمگين نه ڪيو، پر اسان جون اکيون به کوليون، ذهني صحت جا مسئلا، سماجي دٻاءُ ۽ فني دنيا جون تلخ حقيقتون اهي سڀ عنصر آهن، جن تي اڄ وڌيڪ ڳالهه ٿي رهي آهي.
سشانت جي موت اسان کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته جيڪڏهن اسين هڪ ٻئي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون، ته شايد ڪيتريون ئي زندگيون بچائي سگهجن، ڇو ته ”ڄمڻو ڪڏهن آهي ۽ مرڻو ڪڏهن آهي، اهو اسان طئي نٿا ڪري سگهون، پر جيئڻو ڪيئن آهي، اهو اسان طئي ڪري سگهون ٿا“
زندگيءَ جو هر پل اهميت رکي ٿو، ڀلي اهو ختم به ٿي وڃي، پر اهو سفر ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي، ان جو مطلب اِهو آهي ته ڪجهه ڪهاڻيون سدائين جاري رهنديون آهن، جيئن هي شخص جيڪو هر رات آسمان تي تارا ۽ سيارا ڏسندو هو، تنهن جي ڪهاڻي اڃا ختم ناهي ٿي، هو ته اهو چئي اڳتي وڌي ويو آهي:” جنهن محفل اسان کي ٿڏي ڇڏيو، ان کي ڇو ياد ڪريون؟ اڳتي ڀي ڪي پَل سڏن پيا،اچو ته تن سان گڏ هلون.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.