اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان قازقستان تائين ريلوي ڪنيڪٽيوٽي تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ڪراچي کان وچ ايشيا تائين سڌي ريت ريل رابطي جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي.
ريلوي واري وزير حنيف عباسي سان قازقستان جي سفير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ريجنل ڪنيڪٽيوٽي ۽ ريلوي سهڪار تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.
حنيف عباسي چيو ته ڪراچي پورٽ کان قازقستان تائين ريلوي ڪنيڪٽيوٽي هڪ ميگا منصوبو آهي، جنهن سان خطي ۾ واپار ۽ رابطن کي نئون دڳ ملندو
قازقستان جو صدر 3 فيبروري تي پاڪستان جو دورو ڪندو، جنهن دوران ايم او يو تي باقاعدي صحيحون ڪيون وينديون.
پاڪستان ۽ قازقستان ريلوي ڪنيڪٽيوٽي منصوبو 7 ارب ڊالر ماليت جو ميگا پراجيڪٽ آهي، جيڪو ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
جمن رستي افغانستان، ترڪمانستان ۽ قازقستان کي گڏيل ريلوي نيٽ ورڪ ذريعي ملايو ويندو.
ريلوي واري وزير چيو ته پاڪستان – وچ ايشيا ريلوي ڪنيڪٽيوٽي سڄي خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، وچ ايشيا سان سڌي ريت ريلوي رابطو پاڪستاني معيشت لاءِ اهم ڪاميابي هوندو.
You might also like