خبردار! سوشل ميڊيا تي هڪ غلط ڪلڪ توهان کي جيل پهچائي سگهي ٿو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) عوامي ڄاڻ لاءِ هڪ اهم ايڊوائزري ڪاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ غلط ڪلڪ يا غير محتاط پوسٽ واهپيدار کي جيل تائين وٺي وڃي سگهي ٿي.
اين سي سي آءِ اي موجب واهپيدارن کي ڪنهن به پوسٽ، خبر يا لنڪ شيئر ڪرڻ کان پهريان ان جي تصديق لازمي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته بنا تحقيق مواد پکيڙڻ قانون جي ڀڃڪڙي جي زمري ۾ اچي ٿو.
ايجنسي واضح ڪيو آهي ته اعليٰ عدليا ۽ مقتدر ادارن خلاف غير تصديقي مواد يا ڪوڙي خبرون پکيڙڻ هڪ سنگين قانوني ڏوهه آهي.
ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته پيڪا (PECA) ايڪٽ جي سيڪشن اي 26 موجب ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ تي ٽن سال تائين قيد ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ کي 20 لک رپين تائين ڏنڊ به ادا ڪرڻو پئجي سگهي ٿو.
اين سي سي آءِ اي عوام کي هدايت ڪئي آهي ته نفرت جوڳي مواد ۽ فيڪ نيوز کان مڪمل طور تي پري رهو ۽ سوشل ميڊيا جو ذميواراڻو استعمال ڪيو.
ايجنسي موجب رڳو ذميوار واهپيدار بڻجي ئي سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.