گل پلازا باهه جي آڙ ۾ ارڙهين ترميم کي نشانو بڻايو ويو : پ پ\ترميم تي ڳالهائڻ سان ڏڪڻي شروع ٿي وڃي ٿي: ن ليگ

اسلام آباد(بيورو) پيپلز پارٽي دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف جي 18هين ترميم بابت بيان تي حڪومت کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي۔قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اظهارِ خيال ڪندي پي پي اڳواڻ نويد قمرچيو ته ڪالهه خواجا آصف  گل پلازا سانحي تي ڳالهه ڪئي ۽ گڏوگڏ 18هين ترميم جو ذڪر به آندو، (ن) ليگ جي پارلياماني ليڊر جي بيان کي اسين حڪومت جي پاليسي بيان طور سمجهنداسين۔ هاڻي جيڪڏهن توهان ميونسپل سروس به وفاق کي ڏيڻ چاهيو ٿا ته پوءِ الله خير ڪري۔هن چيو ته ملڪ سان ڪيترائي تجربا ڪيا ويا، هر تجربي سان ملڪ کي اڌ ڪيو ويو، وفاق کان درخواست آهي ته تجربا ڪرڻ بند ڪيا وڃن۔هن چيو ته وفاق کان گذارش آهي ته تجربا ڪرڻ بند ڪري، حڪومت اهم آئيني معاملن ۽ عوام جي ڀلائي تي ڌيان ڏئي۔ ٻئي پاسي وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ خواجه آصف جي بيان کي ذاتي راءِ قرار ڏئي ڇڏيو۔اعظم نذير تارڙ چيو ته ميمبرن جا  ذاتي رايا هوندا آهن، انهن کي ذاتي راءِ طور ورتو وڃي، هر فيصلو پارليامينٽ جي رضامندي سان ٿيندو آهي۔سيد نويد قمر چيو آهي ته ارڙهين  ترميم کي گاريون ڏيڻ لاءِ ڪراچي جي گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه کي بهانو بڻايو ويو، باهه جي معاملي کي کڻي زبردستي ارڙهين ترميم کي وچ ۾ آندو ويو۔نويد قمر چيو ته پاڪستان هڪ وفاقي ملڪ آهي، ڇا توهان هڪ ٻيو نئون تجربو ڪرڻ چاهيو ٿا؟ سڄي زندگي نصاب کي ڪوڙ جو پلندُو بڻائي پڙهايو ويو، تاريخ ۾ تبديليون ڪيون ويون، مضبوط پاڪستان مضبوط صوبن سان ئي ٺهندو آهي،هن چيو ته توهان صوبن کي ڏنل وسيلا به واپس وٺڻ چاهيو ٿا، صوبا صحت ۽ تعليم جا پئسا ڪٽي وفاق کي ڪيئن ڏين ته جيئن وفاق قرض وٺي ۽ پوءِ واپس نه ڪري،اهو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي؟نويد قمر چيو ته ڇا توهان اڃا تائين 1960 ۽ 1970ع واري دور مان ٻاهر ناهيو نڪتا؟ ڇا پنهنجي سياست لاءِ ملڪ جي مستقبل کي خطري ۾ وجهندا؟نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وفاقي وزير راڻا تنوير حسين هڪ سوال تي گل پلازا جو حوالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ارڙهين ترميم کانپوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته پوءِ ڇا گل پلازا جي باهه به ٺيڪ آهي؟جڏهن ته ارڙهين ترميم تي ڳالهايون ته ڏڪڻي شروع ٿي ويندي آهي،نويد قمر چيو ته ارڙهين ترميم تي خواجا آصف ۽ راڻا تنوير پاران سوال اٿارڻ حڪمران جماعت جي پاليسي اسٽيٽمينٽ آهي۽ پ پ ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي، ايم ڪيو ايم جي سيد حفيظ الدين چيو ته ارڙهين ترميم ڪو آسماني صحيفو ناهي ته ان تي ڳالهه نٿي ٿي سگهي،سنڌ ۾ انتظامي بنيادن تي نوان يونٽ بڻجڻ گهرجن،پ پ جي سحرڪامران چيو ته ارڙهين ترميم ڍونگ ناهي،ڍونگ صدارتي آرڊيننس هو جيڪو حڪومت صدر جي صحيح کان بغير جاري ڪري ڇڏيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.