سانحو ۽ سور، سوڳوار ڪٽنبن کي اڃا به پيارن جي ڳولا

ڪراچي(رپورٽ: عرفان بلوچ) گل پلازا باهه ۾ فوت ٿيلن جا خاندان اڃا تائين پنهنجن پيارن کي سڏي رهيا آهن،گل پلازا سانحو درد جون ڪهاڻيون ڇڏي ويو، ڪنهن پنهنجو پٽ وڃائي ڇڏيو، ڪنهن پنهنجو ڀاءُ وڃائي ڇڏيو.گل پلازا باهه ۾ فوت ٿيلن جا خاندان اڃا تائين پنهنجن پيارن لاءِ سڏي رهيا آهن، ڪنهن پنهنجو پٽ وڃائي ڇڏيو، ڪنهن پنهنجو ڀاءُ هميشه لاءِ وڃائي ڇڏيو. مائٽن جو چوڻ آهي ته اندر ڦاٿل ماڻهن بار بار مدد لاءِ آواز بلند ڪيا، التجا ڪئي ته سندن ساهه ٻوساٽجي رهيو آهي ۽ انهن کي فوري طور تي ٻاهر ڪڍيو وڃي.متاثر خاندانن موجب، بروقت بچاءُ نه ٿيڻ سبب سندن پيارا بچي نه سگهيا هئا. ڳوڙهن ۽ سڙيل گهرن ۾ ٻڏل خاندانن جو صرف هڪ سوال آهي ته: جڏهن اهي مدد لاءِ سڏ ڪري رهيا هئا ته بچاءُ ٽيم ڇو نه پهچي سگهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.