مقامي حڪومتن جو بااختيار نظام چاهيون ٿا\حافظ نعيم

لاهور(بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پنجاب حڪومت کي 15 فيبروري تائين جمهوريت مخالف مڪاني حڪومت جو قانون واپس وٺڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ صوبائي اسيمبلي جو گهيرو ڪيو ويندو.منصوره ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وڏيون سياسي پارٽيون هجڻ جو دعويٰ ڪن ٿيون، پر اهي پارٽيون ٻن خاندانن ۽ ڪجهه چوڌرين ۽ وڏيرن تي مشتمل آهن. ٻنهي کي قومي چونڊن ۾ سخت شڪست ملي پر انهن کي طاقت سان مسلط ڪيو ويو. حڪمران پارٽين عدليه، زراعت، تعليم، صحت سميت سڀني شعبن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته  ڪراچي ۾ سنگين مسئلن ۽ سنڌ ۾ بگڙجندڙ صورتحال جي باوجود، بلاول ڀٽو کي هڪ ونڊر بواءِ طور پيش ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته جماعت اسلامي شفاف چونڊ نظام ۽ متناسب نمائندگي تحت چونڊون چاهي ٿي. جماعت اسلامي مقامي حڪومتن جو هڪ بااختيار نظام چاهي ٿي.  پاڪستان کي ڪنهن به حالت ۾ غزه تي امن بورڊ ۽ آءِ ايس ايف ۾ شامل نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.