گرين لينڊ تي ٽرمپ جو يورپ کي پيغام

ڊيوس(عوامي آواز رپورٽ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا سڄي دنيا جو معاشي انجڻ آهي، مون کي يورپ سان پيارآهي پر اهو صحيح رستي تي نه هلي رهيو آهي،ورلڊ اڪنامڪ فورم هن چيو ته يورپ ۾ ڪجهه جڳهيون هاڻي سڃاڻپ جوڳيون نه رهيون آهن، سبز توانائي تي ڌيان ۽ عوامي هجرت يورپ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا نه هجي ها ته اڄ نيٽو به موجود نه هوندو.يورپي ملڪن کي اصلاحات تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، منهنجي دور ۾ آمريڪي معيشت تيزي سان وڌي رهي آهي.هن چيو ته کاٻي ڌر وارن سبب يورپي توانائي تباهه ڪندڙ سطح تي پهچي وئي آهي، ٽيرف پاليسي آمريڪا کي ترقي ڏانهن وڌائي رهي آهي.هن چيو ته آمريڪا کان بهتر گرين لينڊ جي حفاظت ٻيو ڪو نه ڪري سگهي، ۽ هن اتي "گولڊن ڊوم” ٺاهڻ جو ارادو رکيو آهي.ٽرمپ چيو ته ٻي عالمي جنگ کان پوءِ گرين لينڊ خالي ڪرڻ بيوقوفي هئي، ۽ نيٽو ۾ شامل ملڪن کي پنهنجو دفاع مضبوط ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته گرين لينڊ تي قبضو ڪرڻ لاءِ طاقت استعمال نه ڪرڻ چاهيان ٿو، پر 200 سال کان اهو خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ۽ هي علائقو آمريڪي سيڪيورٽي لاءِ ضروري آهي،هن چيو ته آمريڪا  نيٽو لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو، ان جي بدلي ۾ گرين لينڊ گهرڻ معمول جي ڳالهه آهي.ڪينيڊين وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ شڪرگذاري ظاهر نه ڪئي.هوڏانهن برطانوي وزيراعظم سر ڪيئر اسٽارمر چيو آهي ته گرين لينڊ جي معاملي ۾ صدر ٽرمپ جي سامهون نه جھڪندس.نيٽو جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اينڊرز فوگ راسموسن چيو آهي ته صدر ٽرمپ کي خوش ڪرڻ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي يورپ کان ‘وڌيڪ سخت ردعمل’ جي توقع رکي سگهجي ٿي،فرانس چيو آهي ته يورپي يونين آمريڪي ٽيرف خلاف جوابي قدم تي غور ڪري،ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ خطاب ڪندي فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو ته هو ‘دهشتگردي جي بدران احترام’ ۽ ‘بربريت جي بدران قانون جي حڪمراني’ کي ترجيح ڏيندا آهن.ڪئناڊا جي وزيراعظم چيو آهي ته دنيا جي مالياتي نظام تان آمريڪا جو غلبو ختم ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.