اسلام آباد(بيورو)جي يو آءِ جي ايم اين اي نور عالم چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وارا واڳوان وارا ڳوڙها پيا وهائن،پاڪستان لاءِ نه. مون به ڪيترين گارين کي برداشت ڪيو آهي. مون ڪڏهن نه چيو ته پاڪستان ختم ٿي ويو، قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته مان پنهنجي ايم ڪيو ايم جي ڀاءُ کي چوندوآهيان ته ويهه پنجويهه سالن کان اسان توهان جي ڳالهه ٻڌي چڪا آهيون، مون کي ٻڌايو ته هتي حڪومت جي سڀني ڌرين (پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن، ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ) جاڪيئن حال آهن؟ ڪراچي جو ڪاروبار، سڀ ڪجهه صرف تقريبا تقريرن تائين محدود آهي.هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي بابت حڪومت ڪيتري سنجيده آهي؟ پي ٽي آءِ، پي ايم ايل اين، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم سڀ گڏ آهن، پر ڪو به حقيقتن جو سامهون نه ٿو آڻي. وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ کان به ڪو سوال ناهي ڪيو ويو. ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا، ڪهڙا علائقا نازڪ حالت ۾ آهن،ڪراچي، ڊي آءِ خان، بنو، ڪرڪ، ڪوهاٽ جون حالتون سڀني جي سامهون آهن،هن چيو ته مان پختون آهيان، منهنجو ڪو تعلق افغانستان سان ناهي، منهنجي سڃاڻپ پاڪستان آهي، مان پختون قوم جو حصو آهيان. اسان کي پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻو پوندو. اسان جا ٻار، اسان جا اسڪول، ڪاليج، ۽ مدرسا محفوظ هجڻ گهرجن. اسان کي زندگي گهرجي.هن چيو ته هاڻي حڪومت اندر پاڻ ۾ ويڙهه هلي رهي آهي. پي ٽي آءِ، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي سڀ چاهن ٿا ته حڪومت انهن کي ڏني وڃي، پر حقيقت ۾ عام ماڻهو سخت حالتن ۾ آهن. اسان جي مسجدن ۾ نماز پڙهڻ جي آزادي ناهي، اسان جون نياڻيون اسڪول يا ڪاليج نٿيون وڃي سگهن، ڪيترائي علائقا محفوظ نه آهن.هن چيو ته مون کي پاڪستان ۽ عوام سان پيار آهي. جيڪڏهن ڪو به عوام جو فنڊ چوري ڪري يا غدار بڻجي، ته اهو مسلمان نه ٿي سگهي. منهنجي ملڪيت، منهنجي خاندان جي وراثت، ۽ منهنجي وطن جا حق محفوظ آهن.پاڪستان جي عوام کي ڪڏهن به بيوقوف نه بڻايو وڃي. وزيراعظم، اسپيڪر، وزيرن، ۽ جنرلن کي به اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسان جا ٻار، اسان جو مستقبل، ۽ اسان جا حق سڀ کان اهم آهن.