اين آءِ سي وي ڊي لاءِ 15.5 ارب جي گرانٽ ايڊ جي منظوري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز (اين آءِ سي وي ڊي)جي 84هين گورننگ باڊي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايم پي ايز رخسانه پروين ۽ سعديه جاويد، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، صحت وارو سيڪريٽري ريحان بلوچ، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اين آءِ سي وي ڊي پروفيسر طاهر صغير، مشتاق ڇاپڙا سميت ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير اداري جي انتظامي معاملن کي وڌيڪ پيشه ورانه بڻائڻ لاءِ گورننگ باڊي اصولي طور تي فل ٽائيم چيف آپريٽنگ آفيسر  ۽ چيف فنانشل آفيسر  جي ڀرتي جي منظوري ڏني، گورننگ باڊي کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 26-2025ع دوران آپريشنل خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ فوري طور 3.5 ارب رپين جي اضافي گرانٽ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وڏو وزير اڳ ۾ ئي 10 ارب رپين جي منظوري ڏئي چڪو آهي، پر انتظامي ۽ سروس خرچن ۾ واڌ سبب اداري کي مجموعي طور لڳ ڀڳ 4.6 ارب رپين جي مالي خساري کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وڏي وزير ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي قائم ڪئي، جيڪا اين آءِ سي وي ڊي جي بزنس ماڊل جو جائزو وٺي سڌارا تجويز ڪندي. وڏي وزير يقين ڏياريو ته ڪاميٽي جي رپورٽ اچڻ بعد گهربل فنڊن جي منظوري ڏئي جاري ڪيا ويندا. وڏي وزير ڪيترن ئي اهم انفراسٽرڪچر رٿائن جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو، جن ۾ 300 بسترن تي مشتمل نئون پيڊياٽرڪ يونٽ ۽ لانڍي ۾ تعمير ھيٺ ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪولر ڊزيزز شامل آهن، جيڪو 1,200 بسترن تي مشتمل هوندو ۽ دنيا جو سڀ کان وڏو دل جو اسپتال هوندو. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير هدايت ڪئي ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي جي انضمام ۽ انتظامي هم آهنگي لاءِ جامع بزنس پلان تيار ڪندڙ فرم جي مقرري کي جلد حتمي شڪل ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.