مهانگي بجلي سبب ڪاروبار ڪيئن ڪريون؟ اپٽما

لاهور(بيورو)آل پاڪستان ٽيڪسٽائل ملز ايسوسيئيشن (اپٽما) جي مرڪزي چيئرمين ڪامران ارشد چيو آهي ته مهانگي بجلي سبب 150 ٽيڪسٽائل ملون بند ٿي چڪيون آهن، هاڻي وڌيڪ ڪاروبار ڪيئن ڪجي، تنهن ڪري صنعتن جون چاٻيون حڪومت حوالي ڪرڻ وارا آهيون۔اپٽما هيڊ آفيس ۾ ٻين عهدديدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن  چيو ته حڪومت فوري طور معاشي ايمرجنسي لاڳو ڪري ۽ بيوروڪريسي ۾ گاڏيون ورهائڻ ۽ روڊ ٺاهڻ بدران عوام کي روزگار فراهم ڪيو وڃي،هن چيو ته ٽيڪسٽائل انڊسٽري زوال طرف وڃي رهي آهي، ڊسمبر ۾ مجموعي برآمدات ۾ 19.55 سيڪڙو جڏهن ته ٽيڪسٽائل برآمدات ۾ 8 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ۽ 150 ملون بند ٿي چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.