15 سالن جو ڪاروبار ڪجهه گهڙي ۾ سڙي ويو:متاثر عورت

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه دوران جتي سوين واپارين جو سامان دڪانن سميت سڙي خاڪ ٿي ويو، اتي پنهنجي مڙس سان گڏ گارمنٽس جو ڪاروبار ڪندڙ هڪ عورت جي درد ڀري ڪهاڻي به سامهون آئي آهي، جنهن جي زندگي جي گڏ ڪيل ڪمائي باهه جي ور چڙهي وئي، انعم نالي عورت جي مڙس جو گذريل 15 سالن کان گل پلازا جي بيسمينٽ ۾ گارمنٽس جو دڪان هو، جتي ڇنڇر جي ڏينهن ئي لکين رپين جو مال وڌو ويو هو، ميڊيا سان ڳالهائيندي انعم ٻڌايو ته 1998 کان سندس مڙس گل پلازا ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي پر لڳ ڀڳ 15 سالن کان انهن جو پنهنجو گارمينٽس جو دڪان هو، واقعي وقت مڙس ۽ ٻار به دڪان ۾ موجود هئا، اوچتو باهه لڳي، پوءِ دونهون ڀرجي ويو ۽ هر پاسي اوندهه ٿي وئي، اسان جلدي ۾ ڪجهه به نه کڻي سگهياسين، ننڍن واپارين وٽ ان کان سواءِ روزگار جو ٻيو ڪو ذريعو ناهي، هاڻي گهر ڪيئن هلندو، ٻي جاءِ تي ڪاروبار شروع ڪرڻ به آسان ناهي، مدد ڪئي وڃي.

  1. گل پلازا واقعي جي جاچ ڪافي پيچيده ٿي وئي: ڪمشنر ڪراچي

ڪراچي (رپورٽر) ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي چيو آهي ته گل پلازا واقعي جي جاچ ڪافي پيچيده ٿي وئي آهي ۽ ان ۾ مختلف رخ آهن، گل پلازا جو دورو ڪرڻ بعد ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪمشنر ڪراچي چيو ته گل پلازا واقعي ۾ ڪنهن هڪ اداري تيذميواري نٿي وڌي سگهجي، سانحي جي جاچ دوران ڪوشش ڪئي ويندي ته حڪومت کي به مشورا ڏنا وڃن ۽ اهڙا قدم تجويز ڪيا وڃن، جن سان مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن، ڪمشنر ڪراچي موجب اسان جي ڊيٽا  موجب 86 ماڻهو گم آهن ۽ ڪجهه لاش به مليا آهن، انڪوائري رپورٽ حڪومت آڏو پيش ڪئي ويندي، حسن نقوي وڌيڪ چيو ته متاثر عمارت ۾ ريسڪيو ۽ سرچ آپريشن جاري آهي، گل پلازا جي داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وارن رستن جو به معائنو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.