ڏاٻيجي (ن ع آ) ڌاٻيجي غريب آباد مارڪيٽ ۾ فائرنگ واقعي دوران 14 ورهين جو نينگر زمان ولد زاهد حسين سومرو گولي لڳڻ سبب مارجي ويو. زخمي نينگر کي گھارو رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي هو دم ڌڻي حوالي ڪري ويو. پوليس موجب الزام هيٺ آيل عمير ولد عمر ڪلمتي بلوچ کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته وارثن پوسٽ مارٽم کان انڪار ڪيو هو.