جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد واسڻ ناري سان اجتماعي زيادتي وارو مامرو، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي، ڊي ايس پي ٺل متاثره ناري، ڪيس جي فريادڻ ڏاڏي سميت عدالت ۾ پيش، پوليس رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي، عدالت ڪيس جو جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو خبر موجب جيڪب آبادواسڻ ناري آسيا کوسو سان اجتماعي زيادتي واري ڪيس جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه جي عدالت پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو جنهن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي دوران ڊي ايس پي ٺل ڪيس جو جاچ آفيسر غلام مصطفيٰ ابڙو متاثره نياڻي آسيا کوسو سندس ڏاڏيءَ ڪيس جي فريادڻ نورخاتون کي ساڻ ڪري عدالت ۾ پيش ٿيو پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي پوليس پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته آسيا کوسو سان زيادتي ڪندڙ 6 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي متاثره ناري جا ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا ويا جڏهن ته الزام هيٺ آيل اهلڪارن کي به اسپتال آڻي انهن جا به جزا پڻ ورتا ويا جيڪي ليبارٽري اماڻيا ويندا پوليس موجب ته ناري کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي جڏهن ته عدالت ۾ جج آڏو متاثره ناري جي وارثن دانهيندي چيو ته مک جوابدار انچارج ايس ايڇ او مقصود سنجراڻي وڏو منشي ياسين نوناري جو نالو ڪيس ۾ شامل ناهي ڪيو ويو جنهن تي جج ريماڪس ڏيندي چيو ته مک جوابدارن جو نالو ڪيس ۾ شامل ناهي اهو ڪهڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي عدالت ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ پي ڊي ايس پي کي فوري عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي اهڙي حڪم کان پوءِ پوليس عملدار عدالت پهچي آگاهي ڏنو آهي ته ايس ايس پي ۽ پي ڊي ايس پي اهم ڪيس جي سلسلي ۾ هاءِ ڪورٽ ويل آهن جنھن تي عدالت ڪيس فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ڏانهن منتقل ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج پاڻمرادو نوٽيس واري ڪيس جو آرڊر جاري ڪندي وفاقي اداري ايف آءِ اي کي جاچ جو حڪم ڏنو آهي عدالت پاران جاري ڪيل آرڊر ۾ لکيو ويو آهي ته پوليس رپورٽ ۾ اهو ثابت ٿي چڪو آهي اهلڪارن حراست دوران ٿاڻي اندر ناري آسيا کي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي اهو سنگين ڏوهه آهي ان سڄي معاملي جو جاچ جو اختيار وفاقي اداري ايف آءِ اي کي آهي 2002 ايڪٽ تحت ڪيس ايف آءِ اي ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي ڊپٽي ڊائريڪٽر سرڪل لاڙڪاڻو، ڪمپوزم ڪرائيم ايف آءِ اي کي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي .
-
متاثر ناري ايس ايس پي جي جاچ تي سوال اٿاري ڇڏيا
جيڪب آباد: متاثره ناري آسيا کوسو سندس ڏاڏيءَ ڪيس جي فريادڻ نور خاتون ايس ايس پي جي جاچ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن صحافين سان ڳالهائيندي هنن چيو ته انچارج ايس ايڇ او مقصود سنجراڻي وڏو منشي ياسين نوناري اصل ذميوار آهن جن اسان کي گهران کنڀي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو جتي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو آهي اسان کي پاتل سونا زيور لاٿا ويا چوپايو مال ڪاهي کڻي ويا آهن پر اسان کي مال متاع جي ضرورت ناهي مقصود سنجراڻي ياسين نوناري کي ڦاهي تي چاڙهي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ڇو ته انهن اسان ظلم ڪيو آهي اسان جي معاشري ۾ عزت ناهي رهي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهيون پر ايس ايس پي پاڻ جاچ ڪري مک جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ شامل نه ڪيا آهن
-
ايس ايڇ او نواز بروهي ۽ مقصود سنجراڻي گرفتار
جيڪب آباد: ايس ايس پي ٻن ايس ايڇ اوز کي گرفتار هڪ کي سسپنيڊ ڪري ڇڏيو ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ آر ڊي 44 ٿاڻي جي ايس ايڇ او نواز بروھي ۽ آر ڊي 52 جي انچارج ايڇ او مقصود سنجراڻي کي گرفتار ڪرائي ورتو آهي ٻنهي اهلڪارن کي ٺل ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس ايس پي آسيا ڪيس ۾ لاپرواھي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي حسن روشن مزاري کي معطل ڪري لائن ڪلوز ڪري ڇڏيو آهي ڊي ايس پي ٺل ٻڌايو ته ايس ايس پي جي حڪم تي آر ڊي 44 ۽ آر ڊي 52 جي انچارج ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي
-
ميڊيڪل رپورٽ ۾ وڏو ظلم ٿيڻ جو انڪشاف
جيڪب آباد:پوليس اهلڪارن پاران ناري آسيا کوسو سان اجتماعي ڏاڍائي وارو مامري ۾ ٺل جي ميڊيڪل آفيسر پاران ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ ناري آسيا کوسو سان وڏو ظلم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيڪل آفيسر ابتدائي رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي وومين ميڊيڪل آفيسر پاران ابتدائي رپورٽ ۾ ناري آسيه کوسو تي اندروني تشدد جو انڪشاف ڪيو آهي. ان جي جاچ لاء جزا ورتا ويا آهن. ميڊيڪل رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ناري آسيه کوسو جي جسم تي ڪوبه تشدد جو نشان ناهي مليو۔نه ئي جسم تي ڪو رت جو نشان مليو آهي پر سندس اندروني پردو ٽٽل آهي. رپورٽ موجب 14 ورهين جي ڄمار ۾ جسم جي اندروني ڀڃ ڊاهه ايتري حد تان ناهي ٿيندي.
-
ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن ايس ايڇ اوز جا نالا کوليا ويا
جيڪب آباد ۾ ناري آسيا کوسو زيادتي ڪيس ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد وڌيڪ ٻن ايس ايچ اوز جا نالا کولي ڇڏيا آهن ۽ ٻنهي ايس ايچ اوز کي لاپرواهي جي الزام ۾ گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته گرفتار 6 پوليس اهلڪارن کي رمانڊ لاء سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويوناري آسيه کوسو سان ڏاڍائي جي الزام هيٺ آيل اي ايس آئي سميت 6 اهلڪارن کي رمانڊ لاء سول ڪورٽ ٺل ۾ پيش ڪيو ويو ڪيس جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي ٺل غلام مصطفي ابڙو پاران ڏاڍائي جي الزام هيٺ آيل 6 اهلڪار عبدالنبي سامت۔مير حسن بمبل غلام ياسين جکراڻي۔برڪت علي جکراڻي اي ايس آئي محراب سندراڻي خادم علي جکراڻي کي هٿڪڙيون هڻي سول ڪورٽ ٺل ۾ پيش ڪيو جتي جوابدارن جو ٻن ڏينهن جو رمانڊ ورتو ويو جڏهن ناري آسيا کوسو جو 164 جي بيان لاءِ پڻ درخواست ڏني وئي جڏهن ته وڌيڪ ڪيس ۾ ٻن ايس ايچ اوز مقصود سنجراڻي نواز بروهي جا نالا کوليا ويا آهن جنهن جي پڻ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي