اسلام آباد (بيورو) انسٽيٽيوٽ آف سوشل اينڊ پاليسي سائنسز جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ تعليم لاءِ مجموعي خرچ 500 ارب رپين تائين پهچي چڪا آهن پر ان جو وڏو بار حڪومت نه پر عوام پاڻ کڻي رهيو آهي ۽ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. 15هين ايڊيشن جي انگن اکرن موجب، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گهريلو خرچ حڪومتي تعليمي بجيٽ کان وڌي ويا آهن. تعليم لاءِ عوام 280 ارب رپيا، حڪومتي سيڙپڪاري 220 ارب رپيا آهن، يعنيٰ تعليم جو 56 سيڪڙو بار عوام ۽ رياست رڳو 44 سيڪڙو بار کڻي رهي آهي. پاليسي ڳالهين ۾ آءِ اسپيس جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر سلمان همايون چيو ته گهريلو خرچ تعليم تي سيڙپڪاري کان وڌڻ ڳنڀير بحران جي نشاني آهي. ورلڊ بينڪ جي تعليمي ماهر عزا فرخ چيو ته نجي اسڪولن ۾ واڌ نشاني آهيته خاندان سرڪاري نظام مان نڪرڻ چاهين ٿا. آءِ اسپيس جي ڊائريڪٽر پروگرامز احمد علي چيو ته سرڪاري تعليمي نظام کي مضبوط بڻايو وڃي، وسيلن جو اثرائتو استعمال ڪيو وڃي.