ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)موجوده مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري ۾ 43 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب، موجوده مالي سال ۾ جولاءِ کان ڊسمبر تائين غير ملڪي سيڙپڪاري لڳ ڀڳ 81 ڪروڙ ڊالر رهي، جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي دوران غير ملڪي سيڙپڪاري جو مقدار هڪ ارب 42 ڪروڙ ڊالر هو.ماهرن موجب هن نمايان گهٽتائي جو اهم سبب وڌندڙ علائقائي ۽ عالمي جغرافيائي ۽ سياسي خطرا آهن، جن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ، ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ تڪرار، ۽ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ شامل آهن. انهن حالتن سبب غير ملڪيسيڙپڪار وڌيڪ محتاط ٿي ويا آهن.ڊسمبر 2025 دوران غير ملڪي سيڙپڪاري خاص طور تي ڪمزور رهي، جڏهن خالص غير ملڪي سيڙپڪاري منفي ۾ هلي وئي. ان مهيني دوران 33 ڪروڙ ڊالر پاڪستان ۾ آيا، جڏهن ته 46 ڪروڙ ڊالر ملڪ کان ٻاهر هليا ويا، ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي جو سبب صرف عالمي حالتون نه، پر ملڪ جا اندروني سياسي حالتون، معاشي پاليسين ۾ غير يقيني صورتحال ۽ سرحدي ڇڪتاڻ پڻ آهن، جن جي ڪري غير ملڪي سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.ماهرن موجب سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته هن وقت مقامي سيڙپڪار به ملڪ اندر سيڙپڪاري کان لنوائي رهيا آهن.ماهر معيشت ۽ پاڪستان جي اڳوڻي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر حفيظ پاشا بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت غير ملڪي سيڙپڪاري جي شرح مجموعي قومي پيداوار (GDP) جي حوالي سان صرف 12 سيڪڙو آهي، جيڪا تمام گهٽ آهي.