ناري جي اجتماعي لڄالٽ ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي يقيني سزا ملڻ گهرجي

                 جيڪب آباد واسڻ ناري آسيه سان حراست دوران اجتماعي لڄالٽ واري ناقابل  برداشت واقعي بابت وومينز ايڪشن فورم مذمتي بيان جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته پاڙي ۾ معمولي ڳالهه تان هڪ جهيڙو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ سر لڳڻ سان قتل ٿيل ماڻهوءَ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران پوليس  سندن گهر جي عورتن کي کنڀي ورتو جن ۾ 16 ورهين جي ناري آسيه کوسو به شامل هئي جنهن کي حراست دوران پوليس اهلڪارن اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو. بيان موجب آر ڊي 52 ٿاڻي جي پوليس آسيه، سندس ڀيڻ ۽ پيرسن ڏاڏي کي ٿاڻي بدران خانگي هنڌ تي ستن ڏينهن تائين رکيو ويو. طبي رپورٽن ۾ ريپ جي تصديق ٿي چڪي آهي. وومين ايڪشن فورم وضاحت گهري ٿي ته قتل ۾ ملوث مرد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران پوليس عورتن کي کنڀي ڇو حراست ۾ رکيو.؟

                 ان واقعي کان پوءِ جيڪو سخت ردعمل ظاهر ٿي رهيو آهي سو يقينن اهم ۽ وقتائتو آهي. سٺي ڳالهه آهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شريف الدين شاهه، ناري جي جنسي زيادتي واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي يعني هاڻي ڏوهه ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف عدالتي ڪارروائي پڻ شروع ٿي وئي آهي. پر اها ڪيڏي نه افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته جوابدار اهلڪارن کي  هاڻي به پڪ آهي ته سندن ضمانت ٿي ويندي. رپورٽون آهن  ته جنسي هوس جو نشانو بڻائيندڙ ڇهه جوابدار پڇتاءُ بدران ضمانت ٿيڻ جي اميد لڳايو ويٺا آهن. اخباري نمائندن جي پڇيل سوال جي جواب ۾ گرفتار پوليس اهلڪارن چيو ته اهڙا معاملا  ٿيندا رهندا آهن جلد ضمانت ٿيڻ کان پوءِ ٻاهر اينداسين. هوڏانهن اهي به رپورٽون آهن ته پوليس ناري آسيه کي وانواهه مان کنڀي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي ۽ ان واقعي سبب سندس طئي ٿيل رشتو پڻ ٽٽي ويو آهي.

هاڻي پهريون سوال اهو آهي ته هي ڪهڙو نظام آهي جنهن ۾ ڏوهارين کي ته انصاف جي پڪ آهي ته اهي جلد ضمانت تي آزاد ٿي ويندا پر جن سان زيادتي ٿي آهي تن کي انصاف جي پڪ ناهي. اهي ڏوهاري جوابدار جيئن ته پوليس کاتي سان تعلق رکن ٿا تنهن ڪري کين پڪ آهي ته اسان جو ملڪي قانون اهڙو آهي جو ان ۾ ڏوهارين کي وڌيڪ رعايت ۽ فائدو مليل هوندو آهي سو جيستائين ڏوهارين ۽ قاتلن جي رعايت وارو هي قانون تبديل نه ٿيندو تيستائين ڏوهاري ۽ قاتل پنهنجي منطقي انجام تائين رسي نٿا سگهن.

اهو به پنهنجو عجيب ملڪي قانون آهي جنهن ۾ ڏوهه هڪڙو ڪندو آهي ته ان ڏوهاري جي گهرڀاتين ۽ مٽن مائٽن کي گرفتار ڪيو ويندو آهي ايستائين جو  عورتن کي به بخش ناهي ڪيو ويندو جيڪي ڏوهن ۾ ملوث ناهن هونديون ۽ نه ئي انهن جو نالو ايف آءِ آر ۾ درج هوندو آهي سو ايف آءِ آر ۾ 16 سالن جي ناري آسيه، سندس ڀيڻ ۽ ڏاڏيءَ جو نالو ايف آءِ آر ۾ نه هو ته کين حراست ۾ ورتو ويو. ٻيو ته قانون  آهي ته عورتن کي مرد نه پر عورت پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو حق هوندو آهي ته پوءِ آسيه جن کي مرد پوليس اهلڪارن سو به بي گناهه ڇوگرفتار ڪيو ۽ جيڪڏهن گرفتار ڪيو به ته ڪنهن ٿاڻي بجاءِ ڳجهي هنڌ ڇو رکيو؟ هاڻي جڏهن ناري آسيه سان پوليس اهلڪارن جي اجتماعي  زيادتي جو واقعو ٿيو آهي ته اندازو  ٿئي ٿو ته وحشي جبلت کين اهو غير قانوني ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي سو هتي پاڻ صرف اجتماعي زيادتي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي ئي ڏوهيوار قرار نه ڏينداسين پر سڄي پوليس نظام کي ڏوهي ۽ مجرم سمجهنداسين ۽ ان قانون کي به ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي گذارش ڪنداسين جنهن ۾ ڏوهارين ۽ قاتلن کي وڌ کان وڌ بخشش واريون رعايتون مليل آهن.

 هن سال پهرين جنوري تي جڏهن آءِ جي سنڌ جي عهدي تي جاويد عالم اوڍو مقرر ٿيو ته نئين سال مان جيئن روايتي طور تي نيڪ تمنائون رکيون وينديون آهن تيئن اميد ڪئي پئي وئي ته جاويد عالم اوڍو به نئين سال جي پهرين ڏينهن پنهنجي نئين عهدي تي اچڻ مان غير معمولي اتساهه وٺي ڪا غير معمولي ڪارڪردگي ڏيکاريندو پر افسوس ته ايئن نه ٿيو اڃان به نئين سال 2026  جي سنڌ ۾ انتهائي خراب نموني پوليس کاتي شروعات ڪئي آهي ۽ پهرين مهيني ئي پوليس پاڻ ڏوهي وارداتن ۾ ملوث رهي آهي ۽ خاص ڪري ناري سان اجتماعي زيادتي وارو هي واقعو ته انتهائي شرم ناڪ آهي.

ناري سان پوليس اهلڪارن جي اجتماعي زيادتي وارو هي واقعو ناقابل برداشت آهي ۽ اهو تيستائين ناقابل برداشت رهندو جيستائين ملوث پوليس اهڪارن کي گهربل سزا نه ملندي. سو پنهنجو  حڪومت سميت سماج جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ حلقن تي زور ڀرينداسين ته اهڙن وحشي ۽ بگهڙ نما پوليس اهلڪارن کي هر قيمت تي سزا ڏيارڻ تائين اهي آواز اٿاريندا رهن. ناري جي وارثن  ته اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته جوابدار پوليس اهڪارن خاموش رهڻ لاءِ کين ڌمڪيون پئي موڪليون هيون پر آخرڪار اهو فيصلو ڪيو ويو ته، نه زيادتي خلاف آواز اٿاربو ۽ اسان جو خيال آهي ته انهن اهو درست فيصلو ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته ان واقعي سان 16 سالن جي نياڻي تي هڪ اهڙو داغ لڳو آهي جيڪو سندس سڄي زندگيءَ کي متاثر ڪري سگهي ٿو جنهن جو پهريون نتيجو سندس شاديءَ جو رشتو ٽٽڻ آهي ۽ اهو رشتو اهڙي وقت ٽٽو آهي جڏهن هوءَ وانواهه ۾ ويٺل هئي. چون ٿا ته وانواهه ۾ ويٺل ناري جو ايئن پوليس هٿان کنڀجڻ، پوليس حراست ۾ ٿيل اجتماعي زيادتي ۽ وري رشتي  ٽٽڻ واري واقعي کيس ذهني طور مفلوج بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته انهن سڀني معاملن ۾ ذاتي طور  آسيه نالي ناريءَ جو ڪو ڏوهه ناهي. هوءَ مڪمل طور تي بي گناهه ۽ زيادتين توڙي ناانصافين جو شڪار ٿي آهي، جنهن کي اسان سندس بدقسمتي سمجهون ٿا.

هاڻي اهو حڪومت جو ۽ پوليس کاتي جو فرض آهي ته اهي نه رڳو ناري جي زندگي کي تباهه ڪندڙ پوليس اهڪارن کي عبرت ناڪ سزا ڏين پر آسيه جي متاثر ٿيل زندگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ کيس ڪراچي ۾ روزگار به ڏين ۽ سندن والدين سميت رهائش جو بندوبست به ڪري ڏين ڇاڪاڻ ته آسيه جي زندگي خراب ڪرڻ جو ذميوار پوليس کاتو  ئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.