ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو گل پلازا اچڻ تي هجوم طرفان گهيرو

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا اچڻ دوران ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جو مڇريل ماڻهن جي هجوم گهيراءُ ڪري ورتو، ميئر ڪراچي جي ڊي سي آفيس منتقلي دوران ماڻهن طرفان زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ميڊيا رپورٽن موجب پوليس اهلڪار جڏهن ميئر ڪراچي کي ڊي سي آفيس وٺي ويا ته ماڻهن ڊي سي آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دروازي کي لتون به هنيون، ان موقعي تي مڇريل ماڻهن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن وچ ۾ ڇڪ ڇڪان به ٿي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته هو هن ڏکئي گهڙي ۾ واپارين سان گڏ بيٺل آهن ۽ جيستائين ڪم مڪمل نه ٿيندو، هو هتي ايندا رهندا، سانحي تي افسوس آهي، هن ڏکائيندڙ واقعي تي سياست نه ڪئي وڃي، اسان متاثرن سان گڏ آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.