جيڪب آباد واسڻ ناري آسيا سان اجتماعي زيادتي جي تصديق، 6 اهلڪار گرفتار، ڪيس داخل

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) ڳڙهي حسن واسڻ ناري سان اجتماعي زيادتي جي تصديق، معاملي جو صوبائي وزيرپاران نوٽيس، آءِ جي سنڌ پاران متاثر ناري کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ ايس ايڇ او کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل، ناري جي شروعاتي ميڊيڪل ۾ زيادتي جي تصديق، الزام هيٺ آيل اهلڪار گرفتار لاڪ اپ حوالي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ٺل ڀرسان ڳوٺ حمزو کوسو واسڻ ناري آسيا کوسو سان زيادتي جي تصديق ٿي وئي، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي حڪم تي ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ڳڙهي حسن ٿاڻي تي پهچي زيادتي جي شڪار ناري جا بيان قلمبند ڪيا، جاچ دوران آر ڊي 44 ٿاڻي جي اھلڪارن مٿان زيادتي ثابت ٿي ايس ايس پي جي حڪم بعد آر ڊي 44 تي متاثر ناري جي ڏاڏيءَ مسمات نور خاتون جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ اي ايس آءِ محراب سندراڻي، ايڇ سي عبدالنبي، پوليس ڪانسٽيبل برڪت جکراڻي، خادم جکراڻي، غلام ياسين جکراڻي ۽ مير حسن کي نامزد ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادڻ موقف اختيار ڪيو ته آر ڊي 52 پوليس اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري کنڀي وئي اسان کي اڻڄاتل هنڌ هڪ جڳهه تي رکيو ويو جتي منهنجي ڏوھٽي آسيا کوسو کي پوليس اهلڪار هٿيارن جي زور تي زيادتي جو نشانو بڻائيندا هئا، پوليس اهلڪار مارڻ جو ڌمڪيون ڏيندا هئا جنهن سبب خاموشي اختيار ڪئي بعد ۾ گهر اچي وڏن سان صلاح ڪري ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي پهتا سين، جڏهن ته جنسي زيادتي جي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ متاثره ناري آسيا کي ٺل جي تعلقي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽر ميڊيڪل چڪاس ڪئي ابتدائي رپورٽ مطابق ناري سان زيادتي جي تصديق ڪئي وئي، وڌيڪ ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا ويا آهن ناري آسيا کوسو ميڊيڪل چڪاس لاءِ اسپتال پهتي ته ذهني دٻاءُ جي شڪار هئي، ناري اوڇنگارون ڏيندي روئيندي رهي کين ڏاڏيءَ ان کي دلاسا ڏيندي رهي هئي، ميڊيڪل چڪاس مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ناري ڳوٺ رواني ٿي وئي، ٻئي طرف ناري آسيه کوسو واري مامري تي گهرو کاتي جي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران نوٽيس رپورٽ طلب ڪئي وئي، گهرو وزير پاران سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ناري سان ٿاڻي اندر گينگ ريپ بعد ايس ايڇ او کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ پاران  مــتاثر ناري کي تحفـــظ فراھــم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، آءِ جي سنڌ موجب  پوليس وردي ۾ ڪارين رڍن جي ڪا جاءِ ناھي، ٻئي پاسي ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ ناري آسيا کوسو سان زيادتي جي تصديق ڪندي وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي پاڻ ڪيس جو جاچ ڪيو آهي جنهن ۾ هڪ اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪار ملوث نڪتا آهن واقعي جو ڪيس داخل ڪرائي جوابدارڻ کي گرفتار ڪرايو ويو آهي،  اهلڪارن جي اهڙي عمل سبب پوليس کاتي جي بدنامي ٿي آهي اهڙي ڪارين رڍن کي کاتي ۾ ڪوبه رهڻ جو حق ناهي ملوث اهلڪارن کي عبرتناڪ سزا ڏياريو ويندو.

  1. اهلڪار ٻٽ هڻي زيادتي ڪندا هئا:آسيا کوسو

جيڪب آباد :مظلوم نياڻي آسيا کوسو ٿاڻي اندر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کان پوليس غيراخلاقي سوال پڇا ڪري ٿي آئون عورت ٿي ڪري مردن کي ڪيئن جواب ڏيان هن چيو ته پوليس عملدارن مون کان جنسي حوس دوران پاتل ڪپڙن جي گهر ڪئي آھي جيڪا اخلاق کان ڪريل آهي ناري روئندي چيو ته اهلڪار ٻٽ هڻي جنسي حوس جو نشانو بڻائيندا هئا مون سان ظلم ڪيو ويو آهي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ونواهه ۾ ويٺل نارذهنيي آسيا کوسو کي گهران کنڀي اجتماعي جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو جنهن سبب ڪنوار بڻجڻ جا خواب ساڀيان ٿي نه سگهيا ناري جي ڪنوار بڻجڻ کان پهرين طئي ٿيل رشتو ٽٽي ويو آهي معاشري جي اهڙي بيحسيءَ واري رويي سبب نوجوان ناري  طور پريشان ٿي وئي جيڪا ذهني دٻاءُ سبب ڳڻتي ۾ وٺجي وئي آهي

  1. عورتن کي کنڀي لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ ڪٿان جو قانون آهي: ڊسٽرڪٽ بار

جيڪب آباد: ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ۽ وومينز ايڪشن فورم پاران ناري آسيا کوسو سان جنسي زيادتي واقعي جي مذمت، الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او جو نالو شامل ڪرڻ جو مطالبو، پوليس اهلڪارن جي هٿان جنسي حوس واري واقعي جو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مذمت ڪئي وئي آهي، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران مطالبو ڪيو ويو ته ناري سان زيادتي ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي جڏهن ته وومينز ايڪشن فورم پاران به آسيا کوسو واقعي جي مذمت ڪئي وئي آهي وومينز ايڪشن فورم پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته مردن جي غير موجودگي ۾ عورتن کي کنڀي ٿاڻي بجاءِ نجي جاءِ تي رکي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو آهي الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او جو نالو ڪيس ۾ شامل نه ڪيو ويو جنهن سبب پوليس جي جاچ غيرشفافيت تي ٻڌل آهي وومينز ايڪشن فورم ايس ايس پي کي هٽائڻ سميت ايس ايڇ او جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ جنسي زيادتي جي شڪار ناري کي مڪمل تحفظ، طبي سهولتون ڏيڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

  1.  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ،آسيا کوسو واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو

جيڪب آباد:  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شرف الدين شاهه ناري آسيا کوسو جي جنسي زيادتي واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺيڇڏيو، سيشن جج ايس ايڇ او ڳڙهي حسن کي رڪارڊ سميت اڄ اڱاري ڏهاڙي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، سيشن جج پاران جاري ڪيل ليٽر لکيل آهي ته ناري آسيا کوسو جي زيادتي بابت سوشل ميڊيا تي خبرون وائرل ٿيل آهن ناري کي پوليس اهلڪارن وحشي طريقي سان حوس جو نشانو بڻايو آهي جنهن واقعي جو اوهان ڪورٽ ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرايو ليٽر ۾ اهو به لکيل آهي ته ناري جي واقعي جو ڪيس داخل ٿيل آهي يا ناهي ٻنهي صورتن ۾ عدالت ۾ حاضر ٿي رڪارڊ پيش ڪيو وڃي.

  1. ايس ايس پي جي موجودگي ۾ پوليس عملدارن جا ناري کان غيراخلاقي سوال

جيڪب آباد :ايس ايس پي جي ڳڙهي حسن ٿاڻي تي موجودگي وقت جاچ ڪندڙ پوليس عملدارن جو متاثره ناري کان غيراخلاقيسوال ڪيا ويا جاچ ڪندڙ ڊي ايس پي منير ڦلپوٽو متاثره ناري کان جنسي زيادتي بابت غيراخلاقي سوال پڇا ڪيا ۽ ناري کان جنسي زيادتي دوران پاتل ڪپڙا گهريا ويا، جنهن تي ناري ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي وئي روئندي رهي،  جاچ واري ڪمري کان ٻاهر نڪري زمين تي ڪري پئي جنهن کي وارثن کڻي ڪار تي ويهاريو ٿاڻي تي موجود ناري جي وارثن ۽ موجود کوسا برادري جي ماڻهن ايس ايس پي جيڪب آباد خلاف نعريبازي ڪئي جنهن تي ڊي ايس پي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته توهان سان انصاف ٿيندو اهڙي يقين ڌياني بعد احتجاج ختم ڪيو.

  1. آسيا سان اهلڪارن جي زيادتي دل ڏاريندڙ واقعو آهي: سڄاڻ ڌريون

جيڪب آباد: سنڌي اَدبي سنگت ضلعي جيڪب آباد جي رابطا سيڪريٽري سھيل دايو، شاخ ٺل جي سيڪريٽري جاويد ساغر، ڪائونسلر ڪامريڊ اصغر سجاڳ، شاخ جيڪب آباد(سٽي) جي سيڪريٽري ڪامريڊ گل مستوئي، ڪائونسلر عباس سارنگ، شاخ جيڪب آباد جي سيڪريٽري مدثر حفيظ، ڪائونسلر انتظار حسين ابڙو، شاخ ميرپور ٻرڙو جي سيڪريٽري استاد نياز لاشاري، ڪائونسلر نعمت سومرو، ضلعي جيڪب آباد جي سڄاڻ ڌرين ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، پروفيسر الطاف گوھر پيچوھو، استاد انتظار حسين ڇلگري،استاد محبوب علي سومرو، پروفيسر عبدالرزاق بروھي، ڪامريڊ روشن ڪنراڻي، پروفيسر برڪت علي مھر، سومرو شبير، ڊاڪٽر عزيز وفا ھانڀي، اي ڪي آزاد مغل،نياز سرڪي ۽ ٻين پنهنجو گڏيل بيان جاري ڪندي چيو آھي ته ڳوٺ سخي حمزو کوسو ،آر ڊي 52 ٿاڻي جي ايس ايڇ او مقصود سنجراڻي سميت 6 پوليس اهلڪارن پاران کوسا برادري جي نياڻيءَ سان پيش آيل اِجتماعي زيادتي جو واقعو اِنتهائي دل ڏکوئيندڙ، شرمناڪ ۽ انساني ضمير کي لڄائيندڙ واقعو آھي، اهڙي وحشياڻي عمل جي اسين سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته قانون جا محافظ جڏهن پاڻ ئي ظلم ڪن ته اِهو رڳو هڪ نياڻيءَ سان ناانصافي نه سمجھو ويندو پر سڄي سماج ۽ انصاف جي نظام تي ڪارو داغ سمجھو ويندو،

  1. ڳڙهي حسن واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪريو: وومينز ايڪشن فورم

حيدرآباد (پ ر)وومينز ايڪشن فورم ڳڙهي حسن، جيڪب آباد ۾ پيش آيل واقعي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آھي ته، پاڙي ۾ معمولي ڳالھ تان جھيڙي جي نتيجي ۾ سر لڳڻ سان قتل ٿيندڙ  جي  ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران پوليس سندن گهر جي عورتن کي کنڀي ورتو، جن ۾ 16 ورهين جي ناري آسيا کوسو به شامل هئي، جنهن کي حراستدوران زيادتي جو نشانو بڻايو ويو۔مليل ڄاڻ موجب آر ڊي 52 ٿاڻي جي پوليس آسيا، سندس ڀيڻ ۽ پيرسن ڏاڏي کي ٿاڻي بدران خانگي هنڌ تي ست ڏينهن تائين رکيو۔ طبي رپورٽن ۾ ريپ جي تصديق ٿي چڪي آهي، پر ايس ايڇ او جو نالو اڃا تائين ايف آءِ آر ۾ شامل ناهي، جيڪو ارادن بابت سنگين سوال اٿاري ٿو۔وومينز ايڪشن فورم وضاحت گهري ٿي ته عورتن کي نامزد مرد جوابدارن بدران ڇو کنڀيو ويو،کين ٿاڻي بدران خانگي هنڌ تي ڇو رکيو ويو، ۽ جاچ کان اڳ ايس ايڇ او خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڇو هچڪچاهٽ ڏيکاري وئي،وومينز ايڪشن فورم مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او جو نالو فوري طور ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري بنا دير جاچ ڪئي وڃي. آءِ جي سنڌ ان ڪيس جي نگراني ڪندڙ ايس ايس پي کي فوري طور بدلي ڪري.اعليٰ سطح جي آزاد جاچ ڪاميٽي جو ترت اعلان ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.