اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار محسن بيگ هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ 73 سيڪڙو ٽيڪس اڻ سڌي ريت لاڳو ٿيڻ سبب ڪاروبار تباهه، صنعتون بند ۽ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. محسن بيگ چيو آهي ته ملڪ ۾ لڳايل 73 سيڪڙو اڻ سڌي ريت ٽيڪس سبب ڪاروباري سرگرميون مڪمل طور متاثر ٿي چڪيون آهن. 20 کان 130 ميجر انڊسٽريون بند ٿي ويون آهن، ٽيڪسٽائل انڊسٽري تباهه ٿي چڪي آهي ۽ لکين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن. محسن بيگ ناڻي واري وزير تي تنقيد ڪندي چيو ته اهڙي پاليسي ملڪ لاءِ خطرناڪ آهي ۽ وزير کي جوابده بڻائڻ گهرجي، کيس ڦاهي ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو معاشي تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن، اهي دراصل وڏا معاشي دهشتگرد آهن. هوءَ خبردار ڪيو ته اهڙي پاليسي جاري رهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار مڪمل طور رڪجي ويندا ۽ معاشي صورتحال بيحد خراب ٿي ويندي.