بدين ۾ چنگچي ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا ٿڏي تي فوت

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين ڀرسان پهلوان ڳوٺ انڊس اسپتال ويجهو چنگچي ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ خوفناڪ ٽڪر پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا. فوت ٿيلن ۾ ارشد پٽ اعجاز ملاح، اسد پٽ رجب ملاح ۽ چنگچي رڪشا جو ڊرائيور رمضان ملاح شامل آهن. حادثي ۾ ٽي عورتون سخت زخمي ٿي پيون، جن کي فوري طور طبي امداد لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حادثو چنگچي رڪشا جي تيز رفتاري سبب پيش آيو. واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.