اوٻاوڙي ۾ آپريشن، 2 ڏوهاري مارجي ويا، مغوي بازياب

اوٻاوڙو/رانوتي (نمائندا) اوٻاوڙو لڳ رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڏوهارين خلاف وڏي پيماني تي گڏيل آپريشن جاري آهي. آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا جڏهن ته ٻه زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن. ذريعن موجب پوليس ۽ رينجرز جديد هٿيارن سان گڏ ڊرون ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي ڏوهارين جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي ڪئي، جنهن سبب ڏوهارين جو گهيرو تنگ ٿي ويو. مقابلي دوران ڏوهاري عيسو شر ۽ بابو شر هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڊرون حملي دوران ٻه ڏوهاري بخش علي شر ۽ اصغر شر پڻ مارجي ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه ٻين ڏوهارين جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. ڪارروائي دوران پنجاب جي رهواسي هڪ مغوي عبدالله کي به بحفاظت بازياب ڪرايو ويو. بازياب ٿيل مغوي پوليس کي ٻڌايو ته هو ليڊيز آواز ذريعي موبائيل فون تي شادي جي چڪر ۾ اچي ٽن سالن کان ڏوهارين وٽ قيد هو. بازيابي بعد مغوي گھوٽڪي پوليس جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن کان پوءِ ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد کيس وارثن حوالي ڪيو ويندو. ايس ايس پي گھوٽڪي محمد انور کيتران موجب علائقي کي مڪمل طور سيل ڪري وڌيڪ نفري گهرائي وئي آهي ۽ آپريشن جو مقصد ڪچي واري علائقي کي ڏوهارين کان پاڪ ڪري امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.