ڪراچي يونيورسٽي جي زمين تي قبضي بابت اختيارين اک نه پٽي، معاملو ڳنڀير

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي يونيورسٽي جي قيمتي زمين تي غيرقانوني قبضي ۽ پيٽرول پمپ جي تعمير جو معاملو سنگين ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي يونيورسٽي صوبائي اختيارين پاران اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر عمران پاران سنڌ حڪومت کي موڪليل هڪ تازي خط ۾، سيڪريٽري بورڊز ۽ يونيورسٽيز عباس بلوچ واضح ڪيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي زمين تي قبضي جي مسئلي جي نشاندهي 25 سيپٽمبر 2025 تي پڻ ڪئي وئي هئي، پر يقين ڏيارڻ جي باوجود، ڪو به سرڪاري جواب نه مليو ۽ نه ئي ڪا عملي اڳڀرائي ٿي. خط ۾ چيو ويو آهي ته يونيورسٽي جي زمين تي غيرقانوني قبضو ۽ غيرقانوني تعمير نه رڳو اداري جي انتظامي معاملن ۾ مداخلت آهي، پر اهو يونيورسٽي جي سيڪيورٽي، خودمختياري ۽ تعليمي ماحول لاءِ سڌو خطرو بڻجي چڪو آهي. انتظاميا موجب، هي صورتحال قانون جي حڪمراني ۽ سرڪاري ادارن جي ساک تي به هڪ کليل سواليا نشان آهي. ڪراچي يونيورسٽي مطالبو ڪيو آهي ته صوبائي حڪومت معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي انتظامي ۽ قانوني مدد فراهم ڪري، ته جيئن غير قانوني قبضن خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي. خط موجب، هي خط وائيس چانسلر جي منظوري سان جاري ڪيو ويو آهي. ڪراچي يونيورسٽي جي سنڊيڪيٽ جي ميمبر ۽ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ڊاڪٽر محسن به اهو مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪراچي يونيورسٽي جهڙي وڏي قومي اداري جي زمين کي محفوظ نه ڪيو ويو ته پوءِ هي صورتحال سڄي صوبي ۾ تعليمي ادارن جي مستقبل لاءِ هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪري سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.