ڳيريلي ڀرسان زمين جي لنگهه واري تڪرار تان فائرنگ، گهوٽ جو ڀيڻيوو قتل

ڳيريلو(ن ع آ) ڳيريلي ڀرسان زمين جي لنگهه واري پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ گهوٽ جو ڀيڻيوو قتل ٿي ويو، گذريل ڏينهن صبح جو ڳيريلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد بليدي ۾ گهوٽمحمد مٺل بليدي پٽ مولا بخش بليدي جو وڏو ڀيڻيويو 56 ورهين جو لطف علي بليدي پنهنجي زرعي زمين تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هٿياربندن جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ کيس سيني ۾ گولي لڳي جنهن کي وارث سخت زخمي حالت ۾ ڳيريلي ٿاڻي تي کڻي آيا ۽ بعد ۾ کيس علاج لاءِ لاڙڪاڻي ايمرجنسٿ وارڊ منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، اهڙي واقعي بعد گهر ۾ شادي جون خوشيون ماتمٿ۾ تبديل ٿي ويون ۽ هر طرف روڄ راڙو پئجي ويو، مقتول جي ڀاءُ محرم علي بليدي ميڊيا کي آڏو دانهيو آهي ته منهنجي ڀاءُ کي ظالمن بيگناھ قتل ڪيو آهي، منهنجو ڀاءُ هڪ فقير منش ماڻهو هو منهنجي ڀاءُ جا قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي،  ڳيريلو پوليس مقتول جي پٽ الهورايو بليدي جي فرياد تي گناھ نمبر 04/2026 ڏوھ قلم 302 تحت هرهڪ جوابدار روشن علي پٽ محمد بخش ،محمد صفر پٽ محمد صالح بليدي، حاجن بليڊي۽ 2نامعلوم سميت  6 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ فريادي پنهنجو موقف ڄاڻايو آهي ته مان پنهنجي پيءُ سان گڏ زرعي زمين تي وڃي رهيو هئس ته مٿين جوابدارن زمين جي لنگھه جي جي مامري تان منهنجي پيءُ مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ منهنجو هو سخت زخمي ٿي پيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو. ياد رهي ته گهوٽ محمد مٺل بليدي جي اڄ ڳيريلي ۾ شادي رٿيل هئي، شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.