حڪمران سنڌ کي عالمي سامراج جي حوالي ڪري چڪا آهن\نور ڪاتيار

ٻٻرلو (پ ر) شهيد عوام فاضل راهو جي 39هين ورسي عوامي تحريڪ طرفان وسريو واھڻ ۾ ملهائي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار،مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، رياض ملڪ، آفتاب ڦلپوٽو ۽ فيض علي ڪٽوھڙ چيو ته شهيد فاضل راهو هر دور جي ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ استحصال خلاف بي باڪ للڪار جو نالو آهي. شهيد فاضل راهو سنڌ جي مظلوم ماڻهن، هارين، مزدورن، پورهيتن ۽ عورتن جو سگهارو آواز آهي، هنن چيو ته  اڄ جا حڪمران سنڌ کي عالمي سامراج جي حوالي ڪري چڪا آهن، جڏهن ته ٻي طرف سنڌ کي ڌاڙيل راڄ حوالي ڪيو ويو آهي. سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزنن ۾ امن امان تباهه آهي، ڌاڙيل ماڻهن کي اغوا ڪري انهن جون وڊيوز ٺاهي مغوين جي وارثن کان لکين رپيا ڀنگ طلب ڪن ٿا. سنڌ جو ڪچو نيٽو جي هٿيارن جي منڊي بڻيل آهي. ڪنهن به ماڻهو کي ڪوبه جاني ۽ مالي تحفظ ناهي. حڪمرانن جي نااهلي ۽ ڌاڙيلن جي سهولتڪار وارين پاليسين سبب سنڌ ۾ عام ماڻهو غير محفوظ بڻجي ويو آهي.بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ بهتر صحت سهولتن جون دعوائون ڪري رهيو آهي پر ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) جي رپورٽن موجب ۽ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ مائرن جي فوت ٿيڻ جي شرح وڌيڪ آهي، جيڪا حڪمرانن جي دعوائن کي ڪوڙو ثابت ڪري ٿي. اٽي، لٽي ۽ اجهي جون دعوائون ڪندڙ حڪمرانن سنڌ کي بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. آبادگارن کي ڪڻڪ، ڪمند، ڦٽي، سارين سميت ٻين فصلن جا مناسب اگهه نٿا ڏنا وڃن، جنهن سبب هاري ۽ آبادگار مڪمل تباهي طرف ڌڪجي رهيا آهن. تقريب کي شڪور ڦلپوٽو، الطاف راجا، عامر ڦلپوٽو، بلال انصاري، صمد ڦلپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته سنڌياڻي بلوچ، آيت ڦلپوٽو، ارتقا جتوئي، مقصود جتوئي، عمير نواز ڦلپوٽو، ولي الله ڦلپوٽو ۽ فضل الله قومي شاعري ٻڌائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.