ڪراچي ۾ پيش ايندڙ باهه جا واقعا ۽ ذميوارن کي سزا نه ملڻ وارو سوال

ڪراچيءَ ۾ ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازا ۾ لڳندڙ خوفناڪ باهه رڳو هڪ عمارت کي نه ساڙيو، پر شهر جي انتظامي نااهلي ۽ انساني جانن جي بي قدري کي به وائکو ڪري ڇڏيو آهي. ڇهه قيمتي جانيون، جن ۾ هڪ بهادر فائر فائٽر به شامل آهي، باهه جي لپيٽ ۾ اچي ختم ٿي ويون، ويهن کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ڪيترائي اڃا تائين لاپتا آهن ۽ درجنين خاندان اهڙي اذيت مان گذري رهيا آهن جنهن جو ازالو لفظن ۾ ممڪن ناهي. ڪراچيءَ ۾ جڏهن به ڪنهن پلازا، ڪارخاني يا رهائشي عمارت ۾ باهه لڳندي آهي ته انتظاميا عارضي طور تحرڪ ۾ اچيو وڃي، بيان جاري ٿين ٿا، وزير دورا ڪن ٿا، جاچ جا حڪم ٿين ٿا، پر پوءِ سڀ ڪجهه وسري وڃي ٿو. گل پلازا جو واقعو به اهڙي ئي هڪ ڊگهي لسٽ جو نئون باب آهي، جنهن ۾ بلديا ٽائون جي علي انٽرپرائيزس، ايمپريس مارڪيٽ، ريجنٽ پلازا، بولٽن مارڪيٽ، لياقت آباد، سرجاني، لانڍي ۽ ڪورنگي جا ڪارخانا ۽ پلازا اڳ ئي شامل آهن. سوال اهو ناهي ته باهه ڪيئن لڳي، سوال اهو آهي ته اهڙا سانحا بار بار ڇو ٿين ٿا؟

گل پلازا ۾ لڳندڙ باهه بابت شروعاتي رپورٽن مان ئي ظاهر ٿي ويو هو ته صورتحال ڪيتري سنگين آهي. رات دير سان لڳندڙ باهه کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو، عمارت جا ٻه حصا ڪري پيا، پٺئين حصي جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ فائر فائٽر ملبي هيٺان دٻجي شهيد ٿي ويو، گرائونڊ فلور جا سمورا دڪان ۽ گدام باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويا، باهه ٽئين ماڙ تائين پهچي وئي، جڏهن ته عمارت ۾ بيسمينٽ مارڪيٽ به موجود هئي جنهن صورتحال کي وڌيڪ خطرناڪ بڻائي ڇڏيو. فائر برگيڊ، ريسڪيو 1122، واٽر ڪارپوريشن ۽ پوءِ سنڌ رينجرز به آپريشن ۾ شامل ٿيا، پر ان سڀ جي باوجود ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين باهه مڪمل طور تي ڪنٽرول ۾ نه اچي سگهي. اها به هڪ تلخ حقيقت آهي ته جڏهن باهه لڳي، ان وقت شروعاتي طور تي ان کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر عمارت جا ٿنڀ ٽٽڻ شروع ٿي ويا، جنهن سبب ريسڪيو عملدارن لاءِ اندر داخل ٿيڻ ناممڪن بڻجي ويو. اهو سوال هتي پاڻ مرادو اڀري ٿو ته آخر اهڙيون عمارتون، جيڪي شهر جي مرڪزي علائقن ۾ واقع آهن، انهن جي تعمير وقت ڪهڙا حفاظتي معيار نظر ۾ رکيا ويندا آهن؟ ڇا فائر سيفٽي سرٽيفڪيٽ صرف فائلن تائين محدود هوندا آهن؟ ڇا بيسمينٽ ۾ مارڪيٽون، گدام ۽ اسٽور ٺاهڻ وقت ڪنهن ضابطي جو خيال رکيو ويندو آهي؟

 ڊي سي سائوٿ موجب گل پلازا جو لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو حصو ڪري پيو آهي، ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ ۾ ڪلاڪ لڳي سگهن ٿا ۽ ڪيترائي ماڻهو اڃا به گم آهن. متاثر واپارين جو چوڻ آهي ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو عمارت اندر ڦاٿل هوندا، جڏهن ته گل پلازا ٽريڊر ايسوسيئيشن جو اندازو آهي ته 80 کان 100 ماڻهو اندر موجود ٿي سگهن ٿا جن ۾ شادي جي خريداري لاءِ ايندڙ ڇهه عورتون به لاپتا آهن.

هي واقعو دراصل انتظاميا جي ناڪامي آهي. جيڪا عمارتن جي تعمير کان اڳ فائر سيفٽي پلان تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي، جيڪا بيسمينٽ مارڪيٽن، غيرقانوني گدامن ۽ اوور لوڊ ٿيل عمارتن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان ڊڄي ٿي، جيڪا هر حادثي کان پوءِ جاچ ڪميٽيون ته ٺاهي ٿي، پر انهن جي رپورٽن کي فائلن ۾ دفن ڪري ڇڏي ٿي. جيڪڏهن بلڊيا ٽائون سانحي کان پوءِ سخت قدم کنيا وڃن ها، جيڪڏهن ان وقت ذميوارن کي سزا ملي ها، جيڪڏهن شهر ۾ فائر سيفٽي قانونن تي بنا رعايت عمل ٿئي ها ته شايد اڄ گل پلازا ۾ اهڙا منظر نه ڏسڻا پون ها. ڪراچيءَ جي واپاري مرڪزن ۾ اڪثر عمارتون پراڻيون آهن، انهن ۾ برقي وائرنگ زبون حال آهي، ايمرجنسي نڪرڻ جا رستا يا ته بند آهن يا موجود ئي ناهن، فائر الارم سسٽم به لڳل ناهي حڪومت، بلدياتي ادارا، فائر برگيڊ، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ واپاري تنظيمون سڀ هڪٻئي تي ذميواري وجهڻ ۾ ماهر آهن، پر ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. گل پلازا جو سانحو به شايد ڪجهه ڏينهن تائين بحث هيٺ رهندو، پوءِ ڪو نئون واقعو، ڪا نئين خبر، ڪا نئين سياسي ڇڪتاڻ ۽ هي الميو به ماضي جو حصو بڻجي ويندو. پر سوال اهو آهي ته ڇا اسان هر ڀيري اهڙي ئي وسارڻ جي عادت سان اڳتي وڌنداسين؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گل پلازا جي واقعي کي هڪ ”حادثو“ سمجهي فائيل بند نه ڪئي وڃي، پر ان کي هڪ وارننگ سمجهيو وڃي. شهر جي سڀني شاپنگ مالن، پلازائن ۽ مارڪيٽن جو فوري آڊٽ ڪيو وڃي، فائر سيفٽي سرٽيفڪيٽن کي عملي طور چيڪ ڪيو وڃي، بيسمينٽ مارڪيٽن ۽ غيرقانوني گدامن خلاف بنا دٻاءُ جي ڪارروائي ڪئي وڃي، فائر برگيڊ کي جديد بڻايو وڃي، عملي کي تربيت ۽ تحفظ ڏنو وڃي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه، ذميوارن کي مثال بڻجندڙ سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کي ٻنجو اچي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.