لاهور(بيورو رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف جي ڏوهٽِي ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر جي وليمي جي تقريب جاتي امرا ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب، تقريب جاتي امرا فارمز ۾ منعقد ڪئي وئي ۽ تقريب ۾ تقريباً 800 مهمانن شرڪت ڪئي، جن ۾ صدر پاڪستان مسلم ليگ (ن) نواز شريف، وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ ٻيون شخصيتون شامل هيون. تقريب دوران، موسيقار هوا ۾ خوبصورت ڌنون وڄائيندا رهيا. نواز شريف، مريم نواز ۽ گهوٽ جنيد صفدر مهمانن جو استقبال ڪندا رهيا.وليمي جي تقريب لاءِ جاري ڪيل ڪارڊ نواز شريف ۽ مرحوم ڪلثوم نواز جو هو، ۽ وليمي جي تقريب ۾ لڳ ڀڳ 700 مهمانن کي دعوت ڏني وئي هئي